اي اين پي ڪارڪنن ايمل ولي جي سيڪيورٽي سنڀالي ورتي

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا حڪومت عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان کي سيڪيورٽي اهلڪار ٻيهر واپس ڪري ڇڏيا آهن. حڪومت جي ترجمان وضاحت ڪندي چيو آهي ته ايمل ولي خان جي سيڪيورٽي ۾ نه ڪا گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي واپس ورتي وئي آهي. ترجمان موجب، ايمل ولي خان کان مرضي وارن  اهلڪارن جي فهرست ورتي وئي آهي ته جيئن کيس وڌيڪ اعتماد جوڳي سيڪيورٽي فراهم ڪري سگهجي. ترجمان چيو ته ايمل ولي کي پهريان به ضروري سيڪيورٽي ڏني وئي هئي، ۽ عوام کي افواهن تي ڌيان ڏيڻ بدران سرڪاري ذريعن تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري صلاحڪار بئرسٽر سيف چيو آهي ته ايمل ولي خان پريشان نه ٿئي، وزيراعليٰ جي حڪم موجب سندن مڪمل حفاظت ڪئي ويندي. سياسي اختلاف باوجود، کيس اڪيلو نه ڇڏينداسين، ضرورت پئي ته مان پاڻ سيڪيورٽي ڊيوٽي سرانجام ڏيندس. ياد رهي ته ايمل ولي خان اڳ ۾ الزام لڳايو هو ته وفاقي حڪومت سندس ۽ خاندان جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي.ٻئي پاسي اي اين پي جي سرخ لباس پاتل ڪارڪنن ولي باغ ۽ ايمل ولي خان جي سيڪيورٽي جي ذميواري سنڀالي ورتي آهي،ياد رهي ته سينيٽ ۾ ايمل ولي خان معدنيات بابت جذباتي بيان ڏنو هو جنهن ۾ طاقتور شخصيت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو جنهن بعد وفاقي وزير ايمل ولي خلاف پريس ڪانفرنسون ڪيون ۽ وفاقي سرڪار هن جي سيڪيورٽي جي ذميواري واپس وٺي ڇڏي هئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.