¨ ڏسجي ته ڪالم جو ”ٽائيٽل“ ئي اصل ۾ ڪنهن به ڪالم جي ”چال“ يا ٿيم بڻجي ويندو آهي. امر جي ڪالمن جي چال، انور پيرزادي جي نظم مان کنيل هڪ سٽ ”سوچ به کڙڪو آهي“ ئي طئي ڪري ڇڏي هئي جنهن چال تحت پوءِ هي ڪالم لکندو رهيو يا ايئن چئجي ته انور صاحب پنهنجي شاعري جي سٽ ڏئي ڪري امر کي ڄڻ ڪالم جي ٿيم ڏئي ڇڏي هجي.
¨ ڪالم جي مخصوص ٽائيٽل يا ان جي چال تي اڪثر ڪالم نگار پورو ناهن لهندا، سندن ڪالم جو نالو هڪ ته ڪالم جي چال وري ڪا ٻي هوندي آهي پر امر عنوان جي مناسبت سان ڪالم جو مزاج ٺاهيو، ڪجهه نئون ۽ ڪن نون، سوچ کي کڙڪائيندڙ موضوعن تي لکڻ جي مقصد سان ڪالم نگاري جي ميدان ۾ پير رکيو ۽ ٿوري وقت اندر ئي هڪ سنجيده ۽ دانشور لڏي تي ٻڌل پنهنجي ريڊر شپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
¨ امر جيڏو خوبصورت شاعر آهي تيڏو ئي ڪالم جو حسين ۽ لاجواب نالو رکيائين. اسان کي امر جي ذهانت ۽ صلاحيت کي ڏسندي يقين هو ته هي دانشور شاعر ڪالم جي ٽائيٽل ۽ چال تي پورو لهندو ۽ پنهنجي فڪر انگيز ويچارن سان پڙهندڙن کي روايتي سوچ مان ڪڍي ڪا نئين کڙڪي نما سوچ ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ۽ ايئن هي ڪالم، مڪمل طور تي انهن اميدن تي پورو لٿو آهي.
¨ امر جي انهن ڪالمن ۾ نوان موضوع به ملن ٿا ته اهي گڏوگڏ نئون موقف ۽ نئين راءِ عامه به ٺاهن ٿا جن موضاعاتي طور تي ڪالم کي تازگي بخشي آهي. اهڙن تازگي محسوس ڪرائيندڙ نون موضوعن ۾ گورنمينٽ جي ادارن کي ملٽي نيشنل ادارن مان سکڻ گهرجي، صحافين جي خبر ڪير لکندو، ساڃاهه وند طبقي جا صحت متعلق غير سنجيده رويا، ڌرڻن ۽ جلوسن جي عذاب ۾ ڦاٿل عوام، بامقصد سوچ ۽ عوام کان پري ٿيندڙ سماج، عوامي مسئلن کان لاتعلق بڻيل سياست، فاشسٽ هجوم ٿيڻ کان بچو، مستقبل جي رٿابندي هاڻي کان ڪجي، تنقيد مان ڪيئن سکجي، توهان جو رويو توهان جو تعارف، شامل آهن، جيڪي نئين انداز سان سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا.
¨ ان سان گڏ ٻيا موضوع جهڙوڪ سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ماڻهن کي رڪارڊ ڪرڻ وارو تاريخي ڪم، سنڌي ادبي سنگت کي ماضي جي ڪهاڻي بڻجڻ کان بچايو، خرابين کي سٺن ڪمن سان مات ڏجي، ادب سڀني جي ضرورت آهي، فنڪارن اديبن ۽ آرٽسٽن کي تخليقي ماحول ڏيو، فيمنيزم جي غلط تشريح هاڃيڪار آهي، اديبن ۽ آرٽسٽن کي مفت مخلوق سمجهڻ وارو رويو، وارا ڪالم جن بابت خود ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج علي زاهد هن ئي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”پنهنجي روزاني واري زندگيءَ ۾ هڪ شاعر جي اک سان هو مامرن کي ڏاڍي ڳوڙهائي سان ڏسي ٿو، سمجهي ٿو ۽ پوءِ پنهنجي شعور ۾ پاڻ سان ئي ان تي بحث ڪري بهترين نتيجا ڪڍي ٿو“. هُو اها به حقيقت تسليم ڪري ٿو ته مان اڳ ئي امر جي نثر جو ڪتاب پڙهي چڪو هئس ان ڪري پڪ هئي ته هن وٽ نثر ۾ به ضرور ڪا نواڻ هوندي“.
¨ امر هن ڪتاب ۾ ڪن شخصيتن تي لکيل پنهنجا چونڊ مضمون به شامل ڪيا آهن، جيڪي سندس خاڪا نگاري واري فني صلاحيت کي نه رڳو دريافت ڪن ٿا پر بقول ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي ته ”جنهن جو جيترو ۽ جيڪو به سنڌ لاءِ ڪم ڪيل آهي، ان کي مڃڻ، اعتراف ڪرڻ ۽ تحرير ۾ آڻڻ ڄڻ ته هن پنهنجي مٿان لازم ڪري ڇڏيو آهي.
¨ ڪالمن جي هن ڪتاب تي ميڊم مهتاب راشديءَ جيڪو مهاڳ لکيو آهي سو ڪالمن ۽ امر جي ذهن توڙي سندس صلاحيتن جي روح ۾ لهي ڪري لکيو آهي. مان ميڊم جي مهاڳ کي هن ڪتاب تي امر کي مليل پهريون ايوارڊ ٿو سمجهان.
¨ امر ڪالم ڇو لکيا يا ان جي ضرورت ڇو محسوس ڪئي تنهن جو جواب به ميڊم ڏنو آهي ته ”امر جي سوچ جي کڙڪي پهريون هن کي جاڳايو جنهن سان هن جو روح بي چين ٿيو جيڪو پنهنجي ذات لاءِ نه بلڪه پنهنجي سماج جي بهتري لاءِ ڪي رستا تلاش ڪرڻ ۾ سرگردان آهي“.
¨ سو امر جي هن ڪالم اهو به ثابت ڪيو آهي ته نئين سوچ ڏيندڙ ۽ نئين راءِ عامه ٺاهيندڙن کي لکڻ جو موقعو ڏبو ته ان سان سماج کي به نئين ۽ غير روايتي انداز سان تبديل ڪرڻ جي سوچ ملندي آهي. ان لحاظ سان ڪالم نگاري جي شعبي ۾ امر جو اضافو سٺو سنوڻ ثابت ٿيو آهي.
¨ امر پيرزادو اڄ جي انهن خوش نصيب ليکڪن مان هڪ آهي جنهن پنهنجي ذهانت، صلاحيتن، فن ۽ دل کي ڇُهڻ جهڙي شاعري، نثر توڙي اثرائتي نموني ڳالهائڻ سان انور پيرزادي کان امداد حسيني ۽ ميڊم مهتاب کان ميڊم نورالهديٰ شاهه تائين جهڙين وڏين شخصيتن کي نه رڳو متاثر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي پر پنهنجي سڀاءُ سان اڄ جي ادبي ۽ ميڊيائي حلقي ۾ به ”هر دلعزيز“ بڻجي ويو آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ٻين کي ته ڇڏيو پر آرٽس ڪائونسل ڪراچي جهڙو ادارو به پنهنجي هن هر دلعزيز ميمبر جي ڪالمن جي ڪتاب ”سوچ به کڙڪو آهي“ جي مهورت سندس اڄوڪي جنم ڏينهن تي ايئن ملهائي رهيو آهي جيئن پيارن جون سندن جنم ڏينهن تي سالگراهون ملهايون وينديون آهن.