غزا ۾ جنگبندي جي حوالي سان 90 سيڪڙو معاملا طئي ٿي چڪا آهن: آمريڪي پرڏيهي وزير

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته غزا ۾ اڃا جنگ ختم ناهي ٿي، وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ معاهدي تي ڳالهيون جاري آهن، اميد ته معاملا جلد طئي ٿي ويندا، حماس جنگ کانپوءِ جي قدمن تي اصولي اتفاق ڪري ورتو آهي.
هن چيو ته هٿيارن جي واپسي ۽ حماس جي ٽٽڻ جو مرحلو ڏکيو هوندو، غزا ۾ اهڙي حڪومت نٿي ٺاهي سگهجي جيڪا ٽن ڏينهن ۾ ٺهي وڃي، جلد خبر پئجي ويندي ته حماس واقعي سنجيده آهي يا نه.
سندس چوڻ هو ته اسان هن وقت يرغمالين جي آزادي جي ويجهو آهيون، 90 سيڪڙو معاملا طئي ٿي چڪا آهن، اميد ته معاهدو هن ئي هفتي جي شروعات ۾ مڪمل ٿي ويندو، غزا معاهدي تي 100 سيڪڙو خاطري ڪوئي نٿو ڪرائي سگهي.
مارڪو روبيو اهو به چيو ته جيستائين فضائي حملا جاري رهندا، يرغمالي آزاد نه ٿيندا، تنهن ڪري بمباري جو سلسلو روڪڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.