آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو 104هين ڏينهن به احتجاج

ڪراچي (عرفان بلوچ)ڪراچي پريس ڪلب آڏو آءِ بي اي پاس 40پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ويٽنگ اميدوارن جو احتجاجي ڪيمپ ۽ ڌرڻو 104هين ڏينهن به  جاري رهيو، جتي اميدوارن سنڌ حڪومت جي عدم دلچسپي ۽ خاموشي خلاف سخت نعريبازي ڪئي۔ شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي “تعليم جو حق – اسان جو حق”، “اسان کي نوڪريون ڏيو” ۽  ناانصافي نامنظور” جا نعرا هڻي احتجاجي ماحول کي وڌيڪ گرمائي ڇڏيو۔اميدوارن جو چوڻ هو ته حڪومت هر ڀيري اميد ڏئي موٽائي ٿي پر عمل نٿي ڪري، جيڪو اميدوارن جي مستقبل سان کيڏڻ برابر آهي۔اميدوارن واضح ڪيو ته جيڪر سندن جائز مطالبن تي فوري عملدرآمد نه ڪيو ويو ته هو احتجاج جو دائرو وڌائي سنڌ جي هر ضلعي ۾ ڌرڻا ۽ ريليون ڪڍنداسون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.