اسلام آباد (۾ ڊ) جج همايون دلاور خلاف سوشل ميڊيا مهم جي خلاف ڪيس ۾ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن خيبرپختونخوا صديق انجم، صلاحڪار اينٽي ڪرپشن مصدق عباسي ۽ يوٽيوبر عمران رياض خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا. رپورٽ موجب، جوڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي جي درخواست تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار سوشل ميڊيا تي جج همايون دلاور خلاف مهم ۾ ملوث هئا، تنهن ڪري انهن جي گرفتاري ضروري آهي، جوابدارن خلاف ڪيس پڻ درج ڪيو ويو آهي. اين سي سي آءِ اي پاران پيش ڪيل رپورٽ جو جائزو وٺڻ کان پوءِ، عدالت جوابدار جي گرفتاري جو حڪم ڏيندي وارنٽ جاري ڪيا ۽ هدايت ڪئي ته جوابدار کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.