جمهوريت کي وڪرو ڪري اسان کي درس ڏيو ٿا؟ اي اين پي اڳواڻ

پشاور (م ڊ) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ وفاقي وزير طلال چوڌري جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته طلال چوڌري پاڻ هائبرڊ نظام ۾ ويهي اسان خلاف ڳالهائي ٿو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو طاقت ۾ اچن ٿا، اهي  رڳو گارگند ڪرڻ شروع ٿي وڃن ٿا جڏهن ته سندن پنهنجو ليڊر نواز شريف شرمساري سبب پارليامينٽ ۾ اچڻ کان لنوائي ٿو، کيس خبر آهي ته هن شڪست کاڌي آهي ۽ فارم 47 ذريعي حڪومت ٺاهي وئي آهي. هن چيو ته طلال چوڌري ۽ سندس ساٿي بوگس حڪومت جا حصا آهن، جن مخصوص سيٽن تي ڌاڙا هنيا آهن. اسان جمهوريت لاءِ قرباني ڏني آهي، اوهان جمهوريت کي وڪرو ڪيو، پوءِ به اسان کي اخلاقيات جو درس ڏيو ٿا؟ اي اين پي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته طلال چوڌري کي فيصل آباد کان ٻاهر ڪو سڃاڻيندو به ناهي، جڏهن ته باچا خان جو پڙ پوٽو ايمل ولي پوري دنيا ۾ ڄاتل آهي، هن چيو ته شهباز شريف کي ڪير سڃاڻي ٿو؟ جيڪڏهن ٻيا ادارا ملڪ جي پاليسين جو فيصلو ڪن ٿا ته پوءِ وزيراعظم ۽ وزير ڇو ويٺا آهن؟ هن الزام لڳايو ته حڪمرانن ملڪ جي معدنيات کي مخصوص شخصيتن ذريعي وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن سبب بلوچستان، گلگت بلتستان، ڪي پي ۽ ڪشمير ۾ ڪاوڙ آهي. هن چيو ته نواز شريف کي پنهنجي ڀاءُ ۽ ڌيءَ دوکو ڏنو، جڏهن ته حڪمرانن جمهوريت کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي. اسان آئين ۽ وفاق جي ڳالهه ڪئي، پر اوهان شرم ڪرڻ بدران اسان خلاف ڳالهايو ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.