آزاد ڪشمير ۾ ڳالهيون ڪامياب، ڀارت جا ارادا ڌوڙ ۾ ملي ويا آهن: امير مقام

مظفر آباد/اسلام آباد (م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان ڪامياب ڳالهين کان پوءِ وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته ڳالهين جي ڪاميابي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کي ڌوڙ ۾ ملائي ڇڏيو آهي. اسلام آباد پهچڻ  تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير ۾ رتوڇاڻ جي ڀارت جي خواهش ڪڏهن پوري نه ٿيندي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جو شڪرگذار آهيان جنهن جي رهنمائيءَ سان مسئلا سٺي نموني سان حل ٿيا. وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته آزاد ڪشمير ۾ معمول جي زندگي بحال ٿي چڪي آهي ۽ ڳالهين جي ڪاميابي جمهوريت جي فتح آهي.

راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي عوام ۾ ڪو به ويڇا پيدا نٿو ڪري سگهي، گڏيل ڪميٽي جا مطالبا حل ڪيا ويندا ۽ امن جو عمل جاري رهندو. ٻئي پاسي عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کانپوءِ زندگي معمول تي اچي وئي آهي. مظفر آباد، باغ آزاد ڪشمير ۽ ٻين علائقن ۾ موبائل فون سروس بحال ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڪاروباري مرڪز ٻيهر کلي ويا آهن ۽ ٽرئفڪ معمول مطابق هلي رهي آهي. باغ آزاد ڪشمير ۾ ڪاروباري مرڪز پڻ مڪمل طور تي ٻيهر کلي ويا آهن ۽ سرڪاري آفيسن ۾ ملازمن جي حاضري معمول تي اچي وئي آهي، جڏهن ته موبائل نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ سروسز مرحليوار بحال ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.