خرچن تي ضابظو آڻڻ لاءِ پاڪستان ۾ نئون پينشن نظام لاڳو، فوج کي ڇوٽ

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ پنشن جو نئون نظام لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن کي  ”ڪنٽري بيوٽري پينشن اسڪيم“ چيو وڃي ٿو، نئين قاعدن موجب ملازمن کي پنهنجي پگهار  مان 10 سيڪڙو رقم جمع ڪرائڻي پوندي، جڏهن ته حڪومت قومي خزاني مان 12 سيڪڙو حصو شامل ڪندي، اهڙي طرح مجموعي طور 22 سيڪڙو فنڊ تيار ٿيندو جيڪو اڳوڻي پينشن نظام جي جاءِ وٺندو، مالي وزارت جي ريگيوليشن ڊپارٽمينٽ طرفان جاري ڪيل نوان قاعدا پبلڪ فنانس مينيجمينٽ ايڪٽ 2019 تحت تيار ڪيا ويا آهن، هي اسڪيم انهن سول ملازمن تي لاڳو ٿيندي جيڪي پهرين جولاءِ 2024 کان پوءِ ڀرتي ٿيا آهن، فوج کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، ذريعن موجب في الحال هي نظام صرف سول ملازمن جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج جي لاءِ ان تي عملدرآمد جو عمل شروع ناهي ٿيو، ان لاءِ هن وقت حڪومت ۽ ملازمن ٻنهي جي شرڪت جي  شرح ٻڙي رکي وئي آهي، حڪومت ايندڙ مالي سالن ۾ هن نئين فنڊ لاءِ 14 ارب 30 ڪروڙ رپيا رکيا آهن، ذريعن موجب هي نظام عالمي بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي سفارش تي متعارف ڪرايو ويو آهي، ته جيئن وڌندڙ پينشن خرچ تي ضابطو آڻي سگهجي، هي نظام موجوده ملازمن تي لاڳو نه ٿيندو، پر مستقبل ۾ سرڪاري مالي بار گھٽائڻ لاءِ عمل ۾ آندو ويو آهي، نون قاعدن موجب، ملازم پينشن فنڊ مان ريٽائرمينٽ کان اڳ رقم ڪڍي نه سگهندا، جڏهن ته رٽائرمينٽ تي هو وڌ ۾ وڌ 25 سيڪڙو رقم حاصل ڪري سگهندا، باقي رقم کي 20 سالن تائين يا 80 ورهين جي عمر تائين سيڙپڪاري ۾ رکڻو پوندو، هي نئون نظام ”ڊي فائينڊ بَيني فِٽ“ ماڊل مان نڪري ”ڊي فائينڊ ڪنٽري بيوشن“ ماڊل ڏانهن هڪ وڏي تبديلي آهي، جنهن جو مقصد سرڪاري ملازمن لاءِ مالي تحفظ ۽ پائيدار ريٽائرمنٽ نظام فراهم ڪرڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.