وڌندڙ غربت ۽ غير مستحڪم معاشي ۽ زرعي پاليسيون

منظور کوسو

عالمي بئنڪ جي هڪ رپورٽ موجب وطن عزيز ۾ 44.7في سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺين سطح واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي۔عالمي معيار موجب 4.20ڊالر ڏهاڙي ڪمائڻ واري ماڻهو کي غريب ترين شمار ڪيو ويندو آهي،جنهن کي چون ٿا غربت جي لڪير کان به هيٺين سطح!!پاڪستاني روپئي جو ملهھ مستحڪم ته ڪين آهي ڊالر جي مقابلي ۾ ان جو قدر گهٽ وڌ ٿيندو رهي ٿو پوءِ به هي سٽون لکڻ تائين اها رقم پاڪستاني روپين ۾ اٽڪل 1181.25روپيا ٿيندي۔اسان وٽ حال هي آهي ته پورهيت طبقو ڪڏهن ڪمائي ٿو ته ڪڏهن ويچارو بيروزگار آهي هن سٽ جهڙو حال اٿس”آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا“۔حڪومت هر سال سالياني بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجوري جي رقم ته مقرر ڪندي آهي جيئن هن ڀيري وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه 37 هزارن مان وڌائي 42هزار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر خانگي ادارن ۾ انهن سرڪاري اعلانن تي عمل ڪونه پيو ٿئي ۽ اهي اعلان هرسال اعلان ئي رهجي ويندا آهن۔ مفلسيءَ ماڻهن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي۔ڪلائيمٽ چينج جو قهر ڪڏهن برساتون ته ڪڏهن سيلاب ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنهن اڳواٽ بندوبست جو نه هئڻ به هڪ آفت بڻجي ڪڙڪي ٿو.

غيرمستحڪم معاشي ۽ سياسي پاليسيون،قومي خزاني ۾ بي انتها ڪرپشن،حڪومت جي وزيرن مشيرن ۽ بيوروڪريسي جا شاهي خرچ تنهن کان سواءِ اختيارن جو ناجائز استعمال،روزگار جا نوان موقعا پيدا نه ٿيڻ،نوجوانن وٽ مارڪيٽ جي گهرجن پٽاندڙ فن ۽ تعليم جو نه هجڻ,رشوت ۽ سفارش ڪلچر انهن سڀني شين جي هوندي نه ملڪ ترقي ڪندو ۽ نه ئي مهانگائي ۽ بيروزگاري جهڙن مصيبتن سان منهن ڏئي سگهبو۔افرادي قوت ۾ هن وقت ڏسجي ته پاڪستان خطي جو قابل رشڪ ملڪ آهي جنهن جي 64في سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر وارن نوجوانن تي ٻڌل آهي پر الميو هي آهي ته نوجوان روزگار لاءِ پريشان آهن انهن جون صلاحيتون ۽ عمريون ضايع ٿي رهيون آهن ۽ انهن کي روزگار سان لڳائڻ لاءِ سرڪار وٽ ڪا واضح پاليسي ڪونه آهي فرد کي اٽو،لٽو،اجهو،امن،انصاف،تعليم،صحت ۽ روزگار جهڙا بنيادي حق بنا ڪنهن مت ڀيد جي فراهم ڪرڻ حڪومت تي واجب آهي پر جڏهن سياسي پارٽين جي منشور ۽ حڪومتن جي طرف نظر ٿا ڪريون ته ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي سياستدانن هر دور ۾ ماڻهن کي فقط سبزباغ ڏيکاريا آهن۔ماڻهو بنيادي حقن کان محروم آهن يا محروم ڪيا ويا آهن۔

سرڪاري انگن اکرن موجب هلندڙ مهيني مهانگائي جي شرح 5.8في سيڪڙو ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته وزارت خزانه جو اندازو 3.5 کان 4.5 في سيڪڙو تائين هيو۔سرڪاري انگ اکر ته هر هفتي مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيندي ٻڌائن ٿا پر ملڪ ۾ هن ڀيري ايندڙ ٻوڏن ۽ زراعت جي تباهي کانپوءِ ڪجهه به سستو ٿيندي نظر نه ٿو اچي اندازو آهي ته مهانگائي اڃان وڌندي ايئن سمجهو ته وڌي چڪي آهي۔ڪڻڪ سميت سڀئي ضرورت جون شيون ۽ تيل مهانگو ٿيندو پيو وڃي ۽ اٽو ڇونه مهانگو ٿيندو سرڪار فوڊ ڊپارٽمينٽ کي رزق ونڊڻ ورهائڻ جو ڪم سونپي ڇڏيو آهي ۽ کاتو ڇاته ذميواري نڀائي پيو ساليانو ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ ڪوئا کايو وڃن!!خوراڪ کاتي جا آفيسر ۽ اسٽاف ڪڻڪ جي ڪوئن کان به حفاظت نه ٿا ڪري سگهن هي نه فقط قومي خزاني تي ٻوجھه بڻيل ساليانو ڪروڙين روپيا پگهارون پيا کڻن پر ڪوئن جي نالي تي اربين روپين جي ڪڻڪ به کائي ٿا وڃن۔

شڪارپور مان هڪ تازي خبر موجب نيب خوراڪ کاتي جي گودامن تي ڇاپو هنيو 2018 کان 2025 تائين هزارين ڪڻڪ جون ٻوريون ۽ باردانا ڪوئا کائي ويا،ڪڻڪ ته ويا ڪوئا کائي هاڻي ماڻهو ويچارا ڇا کائيندا؟هن کان اڳ به سنڌ ۾ خوراڪ کاتي اربين روپين جي ڪڻڪ ڪوئن ۽ ڪانون کان کارائي پنهنجا ڀڀ ڀريا آهن۔اڃان سنڌ جي وڏي وزير جي خوراڪ بابت معاون عبدالجبار جو چوڻ آهي ته اٽو مهانگو ٿي سگهي ٿو پر بحران پيدا نه ٿو ٿي سگهي ڇوته سرڪاري گدامن ۾ ٽيھه لک ڪڻڪ جون ٻوريون موجود آهن۔خوراڪ کاتي جي معاون کي آفيس مان ٻاهر نڪري گدامن جو چڪر به لڳائڻ کپي ڏسي ته ٽيهه لک ٻورين مان باقي ڇا بچيو آهي؟

سرڪاري انگن اکرن کان قطع نظر زميني حقيقتن تي نظرڪنداسين ته فقط انگ اکر ئي نظرايندا انهن انگن اکرن جو ڪٿي به حقيقت سان ڪو واسطو وڙو نظر نه ايندو نه ئي ڪٿي به ماڻهن جي زندگي تي ڪو مثبت اثر نظر ايندو۔حڪومت جي منظور نظر اقتصادي ۽ معاشي ماهرن جي افلاطوني کانپوءِ ته اسان جي پاڙيسري ماسي به سياڻي۔چئي ”ابا ڇاجي سستائي ڇاجي مهانگائي پئسو لڀي ئي ڪونه ڇورا بيزوگار اٽي لپ ڪاڻ پريشان،بيمار ٿيون ته سرڪاري اسپتالن ۾ ڪو دوادرمل جو آسرو ڪونه غريب ڀلي سرڪاري اسپتال جي بدبودار وارڊن ۽ بسترن تي چُڙهي چُڙهي مري يا گهر اچي ته پاڻ سان گڏ اسپتال کان ٻه چار وچڙندڙ بيماريون ٻيون به کنيون اچي۔پئسو هٿ ۾ هجي ته ڪا خبر پوي ته ملڪ سستو ٿيو آهي يا مهانگو۔“ سو اصل ڳالهه پئسي ۽ قوت خريد جي آهي جيڪا ماڻهن وٽ ڪين آهي۔اهي عنصر جيڪي ملي ڪري غربت پيدا ڪرڻ جا سبب بڻجن ٿاسرڪار کي انهن تي غور ڪرڻ گهرجي۔جيسين اهي شيون ختم نه ٿينديون نه غربت ختم ٿيندي نه ئي ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهندا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.