ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ سنڌ امپلائيز الائنس اڳواڻن ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد 6 آڪٽوبر تي رٿيل ڌرڻو ملتوي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، سنڌ ايمپلائيز الائنس اڳواڻن جون چيف سيڪريٽري سنڌ سان مطالبن جي مڃتا بابت ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف سيڪريٽري جي وڏي وزير سان ڳالهه ٻولهه بعد، پينشن ڪٽوتي وارو معاملو ايندڙ سنڌ ڪابينا اجلاس ۾ شامل ڪري ان کي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ سنڌ امپلائيز الائنس جي چيئرمين اشرف خاصخيلي چيو ته اسان جا مطالبا ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيا ويا، تنهنڪري احتجاج ملتوي ڪيون ٿا.قانوني گھرجون ۽ ڪابينا ۾ معاملو حل ڪرائڻ لاء وقت ڏيون ٿا. ڌرڻو عارضي طور ملتوي ڪريون ٿا۔ پر اھا تاريخ ٻڌايو ته ڪيترن ڏينهن ۾ مسئلا حل ڪندا .سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سربراھ جي موجودگي ۾ سمري تيار ٿيندي۔ ملازم اڳواڻ 6 آڪٽوبر واري ڌرڻي جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪندا.