پريس ڪلب واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي: طلال چوڌري

اسلام آباد (بيورو) گهرو معاملي جي مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد جي نئشنل پريس ڪلب واقعي ۾ جيڪو به ملوث هوندو، ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته صحافين نيشنل پريس ڪلب واقعي خلاف ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، صحافين کانسواءِ پارليامينٽ نامڪمل آهي، اسان ميڊيا جي آزادي تي يقين رکون ٿا، گهرو وزير جي حڪم پريس ڪلب ويو هئس ۽ اتي پيش آيل  واقعي تي غير مشروط معافي ورتي هئي، مملڪتي وزير ٻڌايو ته اسپيڪر قومي اسيمبلي جي هدايت تي صحافين سان ڳالهايو ۽ کين يقين ڏياريو ته نيشنل پريس ڪلب واقعي ۾ جيڪو ملوث هوندو، ان خلاف سخت قدم کنيو ويندو.

پريس ڪلب جو تقدس پائمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي: عرفان صديقي

اسلام آباد (بيورو) نواز ليگ جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته اسلام آباد پريس ڪلب (آءِ پي سي) واقعي جي جاچ جو فيصلو سٺو قدم آهي، پر اها رڳو جذبا ٿڌا ڪرڻ لاءِ هڪ رسمي ڪارروائي نه هجڻ گهرجي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته غير ذميواري ۽ زيادتي ڪندڙ اهلڪارن جي سڃاڻپ ڪري کين سزا ڏني وڃي، جاچ کي شفاف رکندي صحافي تنظيمن کي به ان ۾ شامل رکيو وڃي، عرفان صديقي چيو ته پريس ڪلب صحافت جا ايوان آهن، انهن جو تقدس پائمال ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ آهي، صحافين تي تشدد جو  ڪو به جواز قبول نٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته صحافين تي تشدد جو ڪوبه جواز قبول نٿو ڪري سگهجي، اهڙن واقعن جي مستقل روڪٿام لاءِ پڪو بندوبست انتهائي ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.