دوداپور ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، نوجوان قتل

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) دوداپور ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، دوداپور ويجھو تاجا شاخ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جوابدار فرار ٿي ويا، دوداپور ٿاڻي جي  حد ۾ رند برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري نوجوان مجيد عرف منڊو رند کي قتل ڪري ڇڏيو واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پُھچي وئي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، پوليس موجب ڳوٺ گھر پنھنجا واسي نوجوان کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو آھي اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پُھچي علائقي کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.