ڪراچي (رپورٽر) جسٽس طارق جهانگيري جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي پاران رد ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ بابت ڪراچي يونيورسٽي جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق جهانگيري پاران ڊگري رد ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي جو رجسٽرار پروفيسر عمران صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو، رجسٽرار عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي ٻه ڏينهن اڳ نوٽيس مليو، جواب ڏيڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو پڇيو ته اوهان کي ڪيترو وقت کپي؟ مهلت ته ڏئي سگهجي ٿي، پر جيڪڏهن ان دوران درخواست گذار خلاف ڪا ڪارروائي ٿي وئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ بئريسٽر صلاح الدين موقف ڏنو ته ڌر طور جواب لاءِ مهلت ڏئي سگهجي ٿي، پر تڏهن تائين ڪراچي يونيورسٽي جو آرڊر معطل ڪيو وڃي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن بعد ۾ آرڊر واپس ٿيو ته درخواست گذار کي پهتل نقصان جو ازالو ڪير ڪندو؟ هتي هڪ ماڻهو جي سڄي زندگي جي محنت داءُ تي لڳل آهي، ڇا ڊگري رد واري معاملي ۾ متاثر ڌر کي نوٽيس ڏنو ويو هو؟ رجسٽرار چيو ته منهنجي پوسٽنگ نئين آهي، مون کي ان بابت علم نه آهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته جيڪڏهن اوهان عدالت ۾ آيا آهيو ته جواب ته ڏيڻ ئي پوندو، ٿي سگهي ٿو ذاتي مفاد سبب درخواست گذار خلاف ڪارروائي ڪئي وئي هجي، 30، 35 سال پوءِ ڪو ماڻهو درخواست ڏئي ته پوءِ به متاثر ڌر کي ضرور سڏڻ کپي، بعد ۾ عدالت ڪراچي يونيورسٽي جو 26 سيپٽمبر وارو ڊگري رد ڪرڻ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو ۽ درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.