سيپٽمبر دوران 113 لاپتا ماڻهن ڪيس نبيريا ويا: ڪميشن

اسلام آباد (م ڊ) جبري گمشدگين بابت انڪوائري ڪميشن پنهنجي رپورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته سيپٽمبر 2025ع دوران 113 لاپتا ماڻهن جا ڪيس نبيريا ويا، جن مان 14 لاپتا فرد پنهنجن گهرن ڏانهن واپس پهچي ويا. رپورٽ موجب مارچ 2011ع کان سيپٽمبر 2025ع تائين ڪميشن وٽ 10 هزار 636 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 8 هزار 986  ڪيس نبيريا ويا آهن، جڏهن ته 1 هزار 650 ڪيس اڃا به جاچ هيٺ آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪيسن جي نبيرڻ جي شرح 84.48 سيڪڙو آهي، جڏهن ته رڳو جولاءِ کان سيپٽمبر 2025ع تائين 289 ڪيس مڪمل ڪيا ويا، جيڪي سراسري طور 96 ڪيس في مهينو بڻجن ٿا. ڪميشن وڌيڪ وضاحت ڪئي ته لاپتا ماڻهن جي گهرڀاتين جي سهائتا لاءِ به هڪ ڌار سيل قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو ٻارن لاءِ فارم-بي جي جاري ڪرڻ، لاپتا سرڪاري ملازمن جي گهرڀاتين کي پنشن، ۽ ٻين رليف اپائن ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. ماهرن موجب، ڪيسن جي وڏي انگ ۾ نبيرڻ باوجود لاپتا ماڻهن جو معاملو اڃا به ملڪ لاءِ ڳڻتي جوڳو مسئلو بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.