ڄامشورو(ڊر) مليل ڄاڻ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي جو اڳوڻو وي سي ڊاڪٽر فتح محمد مري کي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو نئون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب وائيس چانسلر طور مقرري لاءِ وڏي وزير سمري تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، مقرر ڪيل نئون وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سومر ڏينهن ڪيمپس پهچي پنهنجي عهدي جي ذميواري سنڀاليندو. صحافين طرفان رابطو ڪرڻ تي نئين مقرر ٿيل سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو تـ منھنجي بطور وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي ۾ مقرري ٿي وئي آھي سومر ڏينهن سنڌ يونيورسٽي پهچي پنهنجي عهدي جي چارج وٺندس. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق ڄاريڪو چيو آهي ته ڊاڪٽر فتح مري جي مقرري بابت افواھي خبرون ملي رھيون آھن اسان کي اهڙو ڪو به نوٽيفڪيشن ناهي ويو، نوٽيفڪيشن ملڻ کانپوءِ تصديق ڪئي ويندي.