حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ محاذ جو خصوصي اجلاس زير صدارت پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي سخي ستار ڏنو چولياڻي ھائوس تي ٿيو اجلاس ۾ مجموعي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ان موقعي تي ڳالھائيندي رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ماڻھن جو جياپو آھي پنجاب جي حڪمران اسٽبلشمنٽ ۽ سياستدانن جو سنڌو درياه جي ھڪ ڪيوسڪ تي بـ حق ناھي. پنجاب پنھجا درياهه وڪڻي چڪو آھي سنڌو تي سندس ڌاڙو ڊيم ڪئنال ۽ ٻيا منصوبا مڪمل غير قانوني آھن ان ڪري نوان منصوبا جيڪي مريم نواز ۽ ملڪ جون طاقتور قوتون توڙي پيپلزپارٽي شروع ڪرڻ چاھين ٿيون اھو ڪروڙين انسانن جي موت جو پروانو آھي ۽ ڪنھن بـ صورت ۾ ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي ذريعي سنڌ جون زمينون ڦرڻ اسان کي قبول ناھن ان خلاف اسان جي قومي جھدوجھد جاري رھندي ملڪ جي اندر پارليامينٽ جھموريت ۽ آزاد عدليا جي تصور کي پنجاب ۽ ان جون سگھاريون قوتون 78 سال کان وٺي ملياميٽ ڪنديون آيون آھن. 80 سال ٿيڻ وارا آھن پر ھي فيڊريشن برابري جي بجاء اپاھج ۽ محتاج آھي بندوق جي سرڪار ٿي ھلي اھو ئي سبب آھي جو اڄ ڪشميري روڊن تي آھن انھن تي تشدد ڪيو ويو. قتل عام ٿيو آھي اسين ان جي مذمت ٿا ڪريون، گلگتي روڊن تي آھن بلوچن جو قتل جاري آھي پٺاڻ وسيلن لاء وڙھن پيا سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي ھن چيو ته سنڌ جي ملازمن جا جائز مطالبا قبول نـ ڪيا ويا تـ سنڌ ۾ عام ھڙتال جو اعلان ڪري ڌرڻا ھڻي روڊ بند ڪنداسين.