پيپلز پارٽي سنڌ جي نمائنده پارٽي ناهي:قادر مگسي

ڪراچي (پ  ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي آمريڪا مان واپس سنڌ پهچي ويو، جتي ڪراچي ايئرپورٽ تي سوين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سندس شاندار استقبال ڪيو. ڊاڪٽر قادر آمريڪا ۾ سانا جي 41هين ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ ويو هو. استقبال ڪندڙ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ايس ٽي پي هر فورم تي آواز بلند ڪندي. هن چيو ته سنڌ جي سڀني مصيبتن جو بنيادي سبب سنڌ تي مڙهيل  جاگيردار طبقو آهي، جيڪو سدائين سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي نمائنده پارٽي ناهي، ڇو ته سندس ايجنڊا صرف اقتدار تائين محدود آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ ان جا مسئلا ان جي ترجيحن ۾ ئي ناهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.