اسلام آباد (بيورو) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود اچڪزئي ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سڀ جماعتون گڏ ويهن ۽ نئين شروعات ڪن، اسلام آباد ۾ اپوزيشن اتحاد جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران محمود اچڪزئي چيو ته پارليامينٽ کي طاقت جو سرچشمو بڻايو وڃي، جيڪڏهن باقي جماعتون اتفاق ڪن ۽ ان تي صحيحون ڪن ته هو عمران خان کي به آڻي ڇڏيندو، پر جيڪڏهن اهڙو ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ اسان کي مجبور ٿي طاقت ذريعي تبديلي آڻڻي پوندي، پريس ڪانفرنس ۾ مصطفى نواز کوکر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ به حقيقي قيادت لاءِ نيون چونڊون ڪرائڻيون پونديون، سلمان اڪرم راجا چيو ته معيشت زبردستي سان نه هلي سگهي، ملڪ ۾ مهانگائي روز بروز وڌي رهي آهي ۽ ڪڻڪ جو بحران به جنم وٺي رهيو آهي.