شبلي فراز سوڌو پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد جي دهشتگردي  ٽوڙ عدالت (اي ٽي سي) پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز سميت ٻين اڳواڻن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، اي ٽي سي جي جج طاهر عباس  سپرا وارنٽ جاري ڪيا، پي ٽي آئي اڳواڻن جي خلاف ٿاڻي رمنا ۾ داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 153 ۾ وارنٽ جاري ٿيا، جن ۾ ميجر (ر) طاهر صادق ۽ علي نواز اعوان به شامل آهن، عدالت طرفان باني پي ٽي آءِ عمران خان بابت هڪ ڀيرو ٻيهر گهرو وزارت کي خط جاري ڪيو ويو، جڏهن ته باني پي ٽي آءِ جي ڀاڻيجي حسان نيازي بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي، پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد ۽ حماد اظهر کي اڳ ئي هن ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ظفر عباس کان 14 ڪروڙ ڀتو گهرندڙ 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس جي ڊي سي جي باني ظفر عباس کان 14 ڪروڙ رپيا ڀتو طلب ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو دعويٰ ڪئي آهي، ايس آءِ يو موجب جوابدار عالمي ڀتا خور گروهه سان لاڳاپيل /ڏسو صفحو 7 ڪالم 6

آهن، ملير جي جعفر طيار واري علائقي مان ٽيڪنالاجي جي مدد سان ياور عباس، منظر ڪاظمي ۽ محسن واسطي کي گرفتار ڪيو ويو، ڊي ايس پي محمد سهيل موجب جوابدارن خلاف ڪيس 26 سيپٽمبر تي ٽيپو سلطان ٿاڻي ۾ داخل ٿيو، جنهن بعد ايس آءِ يو کاتي کي حوالو ڪيو ويو، گرفتارين دوران ٻه پسٽل، ڀتي لاءِ استعمال ٿيندڙ موبائل فون ۽ هڪ الٽو ڪار هٿ آئي، شروعاتي جاچ ۾ جوابدارن ٻڌايو ته هو محمود اختر نقوي جي هدايت تي ظفر عباس کان ڀتو گهري رهيا هئا، جيڪو بدنام ڀتاخور ۽ بليڪ ميلر آهي، نقوي اڳ ئي شهر جي بلڊرن ۽ واپارين کان ڪروڙين رپيا بليڪ ميلنگ ذريعي وصول ڪري چڪو آهي.

زبون حال عمارت ۾ صرف دڪان سيل، فليٽ ۾ ماڻهو رهڻ لڳا

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ صدر ڪوارٽر ۾ هڪ زبون حال عمارت ۾ دڪانن کي سيل ڪرڻ جو واري ڪيس ۾ ايس بي سي اي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت درخواستگذار  جي تڪڙي ٻڌڻي جي درخواست قبول ڪري ورتي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس بي سي اي کان جواب طلب ڪيو، عدالت درخواست جي ٻڌڻي 10 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست گذارجي وڪيل چيو ته ايس بي سي اي صدر ڪوارٽر ۾ عمارت کي زبون حال قرار ڏنو، هن عمارت جي  هيٺان 7 دڪان سيل ڪيا ويا، اسان جا دڪان 14 جولاءِ کان بند آهن پر ماڻهو ساڳي عمارت اندر فليٽ ۾ رهي رهيا آهن، سمجهه کان ٻاهر آهي ته صرف دڪانن کي سيل ڪيو وڃي ۽ فليٽ کي سيل نه ڪيو وڃي، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي پنهنجي رمارڪس ۾ درخواست گذار جا لفظ صحيح آهن ته جڏهن عمارت زبون حال آهي ته صرف دڪانن کي سيل ڪيو ويو پر ماڻهو فليٽ ۾ رهي رهيا آهن، ايس بي سي اي جي وڪيل مهلت گهري ورتي آهي هن چوڻ آهي ته مون وٽ ڪيس جا فائل نه آهي .درخواست دڪان جي مالڪ امتياز شاهه پاران داخل ڪئي وئي هئي.

لانڍي شيرپائو ڪالوني مان ڇوڪري جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ

ڪراچي (رپورٽر) لانڍي شيرپائو ڪالوني سواتي پاڙي ۾ گهر مان هڪ ڇوڪريءَ جو ڳچي ۾ ڦاهو لڳل لاش هٿ آيو ، نجي ٽي وي چينلز جي رپورٽن موجب قائدآباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع شيرپائو ڪالوني ۾ نينگري جو لاش مليو، جنهن کي قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نينگريءَ جي سڃاڻپ ماريا  ڌيءَ دلبر جي نالي سان ٿي، ايس ايڇ او قائدآباد  عنايت الله ٻڌايو ته فوتي نينگريءَ جي وارثن موجب گھريلو تڪرار سبب نينگري ڳچي ۾ ڦاهو ڏئي خودڪشي ڪئي، پر پوليس طرفان پوسٽ مارٽم ڪرائي پڪ سان موت جي سبب جو تعين ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.