تل ابيب/غزا (م ڊ) اسرائيلي فوج غزا پهچندڙ صمود فلوٽيلا جي آخري ٻيڙي کي به قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. ٻيڙي تي پولش جهنڊو ڦڙڪي رهيو هو، 6 ماڻهو سوار هئا. اسرائيل جي فوجي آپريشن ۾ ڪل 450 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ڪيلن ۾ اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد، سويڊش ماحولياتي ڪارڪن گريٽا ٿنبرگ ۽ نيلسن منڊيلا جو پوٽو نڪوسي زويليوليلي به شامل آهي. اسرائيل ٻيڙين جو ماوصلاتي نظام ۽ لائيو نشريات به جام ڪري ڇڏي. اسرائيل تصديق ڪئي ته عملي کي حراست ۾ ورتو آهي ۽ ٻيڙي کي بندرگاهه منتقل ڪيو ويو. گلوبل صمود فلوٽيلا بيان ۾ چيو ته اسرائيلي نيوي سڀني 42 ٻيڙين کي روڪي ورتو جڏهن ته ٻيڙيون انساني امداد لاءِ ويون هيون. اسرائيلي پرڏيهي وزارت ٻيڙين جي تازي حيثيت تي تبصرو ڪرڻ جي درخواست جو فوري طور تي جواب نه ڏنو، ان کان اڳ چيو ويو هو ته جيڪا به ٻيڙي ناڪابندي ٽوڙيندي ان کي روڪيو ويندو. تحويل ۾ ورتل ٻيڙين کي اشدود بندرگاهه منتقل ڪيو ويو جتان سماجي ڪارڪنن کي يورپ ڊي پورٽ ڪيو ويندو. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڪارروائي کي درست قرار ڏيندي نيوي کي شاباشي ڏني. ٻئي پاسي ٻيڙين کي قبضي ۾ وٺڻ ۽ گرفتارين خلاف سڄي دنيا ۾ احتجاج جاري آهي. يورپ، ڏکڻ آمريڪا ۽ وچ اوڀر سميت ٻين ملڪن ۾ احتجاج جاري آهي. برطانيا، اٽلي، اسپين، فرانس، يونان، ڪولمبيا، يمن ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ڪيترن ئي شهرن ۾ ٽريفڪ بند ۽ ڪجهه هنڌن تي ڀڃ ڊاهه به ڪئي وئي.
اسرائيل فلوٽيلا کي روڪي انسانيت تي حملو ڪيو:بلاول ڀٽو
ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسرائيل طرفان گلوبل صمود فلوٽيلا مان حراست ۾ ورتل اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان سميت ٻين ماڻهن جي آزادي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. گلوبل صمود فلوٽيلا کي اسرائيل طرفان روڪڻ تي رد عمل ڏيندي هن چيو ته کاڌو ۽ دوا ڪو خطرو ناهي. هن چيو ته اسرائيل گلوبل صمود فلوٽيلا کي روڪي ڊاڪٽرن ۽ رضاڪارن کي حراست ۾ وٺي انسانيت تي کليل حملو ڪيو. اسرائيل پاڪستان جي سينيٽر مشتاق احمد کي حراست ۾ وٺي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن غزا لاءِ انساني راهداري ۽ فلسطين لاءِ انصاف جو به مطالبو ڪيو.\
غزا امن معاهدي لاءِ ٽرمپ جيڪي 20 نقطا ڏنا اهي اسان جا نه آهن:اسحاق ڊار
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته غزا امن معاهدي لاءِ ٽرمپ جيڪي 20 نقطا ڏنا اهي اسان جا نه آهن. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اسحاق ڊار چيو ته غزا ۾ ماڻهو بک وگهي مري رهيا آهن، گڏيل قومن، يورپي يونين ۽ ٻيا عالمي ادارا غزا ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. هن چيو ته صدر ٽرمپ سان غزا ۾ جنگبندي جي هڪ نقاطي ايجنڊا تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ميٽنگ کانپوءِ 8 مسلم ملڪن گڏجي 20 نقطا پيش ڪيا ۽ بيان جاري ڪيو، پر پوءِ صدر ٽرمپ جيڪي 20 پوائنٽس جاري ڪيا، اهي اسان جا ڏنل نه هئا ۽ انهن ۾ ڦيرڦار ڪئي وئي. اسان 8 مسلم ملڪن طرفان تيار ڪيل ڊرافٽ تي ڌيان ڏينداسين. اسحاق ڊار چيو ته غزا ۾ مڪمل جنگبندي ضروري آهي ۽ غزا جي نئين سر تعمير ڪئي وڃي. فلسطين جي مسئلي تي سياست جي گنجائش ناهي ۽ فلسطين بابت اسان جي پاليسي هميشه قائداعظم جي پاليسي جهڙي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته صمود فوٽيلا ۾ اسان جو هڪ سينٽر موجود هو، اسان جو اسرائيل سان ڪو رابطو نه آهي. هن چيو ته اسرائيل 22 ٻيڙيون قبضي ۾ وٺي ماڻهن کي قيد ۾ رکيو، اطلاع آهي ته سينٽر مشتاق احمد به انهن ۾ شامل آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار شمع جوڻيجو جي ذڪر تي ايوان ۾ وضاحت ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي خطاب دوران اسحاق ڊار شمع جوڻيجو جي ذڪر تي پهرين طنزيه جواب ڏنو ۽ چيو ته ”بجلي جا ٿنڀا به لڳا آهن، پر توهان کي شمع نظر اچي ٿي. ان کانپوءِ هن ٻڌايو ته گڏيل قومن ۾ جيڪو وفد ويندو آهي، اهو پرڏيهي کاتي جي صحيح سان ويندو آهي ۽ اسان شمع جوڻيجو جو نالو ان وفد ۾ نه موڪليو هو. ائب وزيراعظم موجب، ٻيو وفد وزيراعظم جو هوندو آهي ۽ اها محترمه( شمع جوڻيجو) ان جو حصو هئي، وزيراعظم سان سندس تمام گهڻو اسٽاف هوندو آهي.
ٽرمپ حماس کي معاهدي لاءِ آچر تائين مهلت ڏئي ڇڏي
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حماس کي غزا امن منصوبي تي آچر (واشنگٽن وقت مطابق) شام 6 وڳي تائين معاهدو منظور ڪرڻ جي آخري مهلت ڏئي ڇڏي. ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي لکيو ته هر لڪ دستياب آهي ۽ جيڪڏهن حماس آخري مهلت تي متفق نه ٿي ته اهڙي سخت ڪارروائي ٿيندي جيڪا پهرين ڪڏهن ڏٺي نه وئي هوندي. هن خبردار ڪيو ته معاهدو نه ٿيڻ جي صورت ۾ غزا ۾ حماس جا باقي ڪارڪن پڪڙيا ويندا ۽ کين ماريو ويندو. حماس منصوبي جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ عرب ٽياڪڙن، ترڪي ۽ فلسطيني ڌڙن سان مشاورت جاري آهي. ٽرمپ اڳ اعلان ڪيو هو ته منصوبي تحت حماس کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ، سرنگن جي تباهي ۽ مقامي پوليس جي تربيت شامل آهن، ۽ اغوا ڪيل ماڻهن جي فوري آزادي جو ذڪر به ڪيو ويو آهي.
غزا ۾ اسرائيلي حملا جاري، وڌيڪ 63 فلسطيني شهيد
غزا (م ڊ) غزا تي اسرائيلي حملا جاري آهن. گذريل ڏينهن وڌيڪ 63 فلسطيني شهيد ٿي ويا جن ۾ 3 معصوم ٻار به شامل آهن، حملن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. غزا سٽي ۾ 16 فلسطيني مارجي ويا، المواسي ڪيمپ تي بمباري ۾ 7 ڄڻا شهيد ٿيا، جڏهن ته خوراڪ جي انتظار ۾ بيٺل شهرين تي فائرنگ ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا. مجموعي طور شهيدن جو انگ 66 هزار 288 ۽ زخمين جو انگ هڪ لک 69 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. امدادي اداري موجب ملبن هيٺان ڪيترائي لاش دٻيل آهن.
غزا امدادي سامان کڻي ويندڙ صمود فلوٽيلا تي حملي خلاف جماعت اسلامي جا مظاهرا
ڪراچي/سکر(نمائندا ) غزا جي مظلومن لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ سماجي ڪارڪن جي قافلي صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي ۽ ٽرمپ جي نام نهاد امن منصوبي خلاف امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمٰن جي سڏ تي سڄي ملڪ وانگر سنڌ ۾ پڻ ڪراچي کان ڪشمور سموري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا جنھن ۾ شريڪ ماڻھو صمود فلوٽيلا تي اسرائيل جي حملي خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا، صوبائي ترجمان مجاھد چنا موجب دادو، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ٺل، ڪشمور، لاڙڪاڻو، شھدادڪوٽ، ڏھرڪي، سکر، ٽنڊو الهيار، عمر ڪوٽ، بدين، گولاڙچي، ميرپورخاص، نواب شاهه ، ڪنڊيارو، حيدرآباد،ڪراچي، فريدآباد، ڪوٽڙي ۽ شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرن کي جماعت اسلامي جي مرڪزي صوبائي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪندي اسرائيلي درندگي جي مذمت ۽ صمود فلوٽيلا تي حملي کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ کليل دھشتگردي قرار ڏنو، دادو ۾ جماعت اسلامي طرفا پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل فلسطين ۾ انسانيت جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن، عراق ۽ افغانستان ۾ ڪوڙ جي بنياد تي انسانيت جو قتل عام ڪندڙ ٽوني بليئر ۽ آمريڪي صدر ڪئين امن جا داعي ٿي سگھن ٿا. فلسطين ۾ امن لاءِ ٽرمپ ۽ ٽوني بليئر جو ويهه نقاطي منصوبو فراڊ آھي. حماس کان سواءِ ڪو به فيصلو ھڪ طرفو ھوندو. پاڪستاني قوم اسرائيلي کي ڪڏھن به تسليم نه ڪندي. قائد اعظم محمد علي جناح جي اصولن جي ابتڙ حڪمرانن ڪو به فيصلو ڪيو ته کين لڪڻ جي پناھ به ڪونه ملندي. ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تي مظاھري کي سنڌ جي نائب امير حافظ نصرالله چنا، غلام مصطفيٰ ميراڻي، بدين ۾ سيد علي مردان شاهه ، فتح خان کوسو ، ڏھرڪي ۾ مولانا حزب الله جکرو، تشڪيل صديقي، جيڪب آباد ابوبڪر سومرو، ديدار لاشاري، عمرڪوٽ ۾ سھيل شارق طلحه کوکر، ڪنڊيارو ۾ مولانا ھاشم لاشاري ۽ ٻين احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪيو.
11 ٻيڙين جو نئون قافلو غزا امداد کڻي روانو
انقرا (م ڊ) انٽرنيشنل تنظيم فريڊم فلوٽيلا ڪوليشڻ (FFC) اعلان ڪيو آهي ته غزا جو گهيرو ٽوڙڻ لاءِ 11 ٻيڙين تي ٻڌل نئون قافلو روانو ٿي ويو آهي. اٽلي ۽ فرانس جي جهنڊن واريون ٻيڙيون اوترانتو مان روانيون ٿيون ۽ ڪنشينس نالي ٻيڙي به ساڻن ملي وئي. اهي ٻيڙيون 8 ٻيڙين جي قافلي سان گڏجي 11 ٻيڙين جو گڏيل فلوٽيلا بڻائينديون. ڪوليشن موجب لڳ ڀڳ 100 رضاڪار هن وقت يونان جي ساحل وٽ ٻيڙين ۾ موجود آهن. هي قافلو اُن وقت روانو ٿيو آهي، جڏهن اسرائيلي فوج 42 ٻيڙين تي حملو ڪري 450 رضاڪارن کي گرفتار ڪيو هو. 2008 کان وٺي فريڊم فلوٽيلا ڪيترائي مشنز ڪيا آهن جن جو مقصد غزا ۾ امداد پهچائڻ ۽ انساني بحران ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ آهي. گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي گهيري سبب غزا ۾ بک ۽ بيماري وڌي رهي آهي ۽ علائقو رهڻ جي قابل نه رهيو آهي.
حماس ۽ آمريڪي جنگ بندي منصوبي تي اختلافات
غزا (م ڊ) برطانوي خابرو اداري موجب ٽياڪڙن حماس جي عسڪري ونگ جي سربراهه عزالدين الحداد سان رابطو ڪيو، جنهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين 20 نڪاتي جنگ بندي فريم ورڪ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. الحداد جو چوڻ آهي ته منصوبي جو مقصد حماس جو خاتمو آهي، تنهن ڪري اهي ويڙهه جاري رکندا. آمريڪي منصوبو، اسرائيل اڳ ئي قبول ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ حماس کان هٿيار ڇڏائڻ ۽ غزا جي حڪومت مان خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو. حماس جي قطر ۾ ويٺل سياسي قيادت ڪجهه ترميمن سان منصوبي جي حمايت تي راضي آهي. منصوبي تحت ابتدائي 72 ڪلاڪن ۾ سڀني يرغمالين کي ڇڏڻ جو شرط به وڏي رنڊڪ آهي. حماس اڳ ئي واضح ڪري چڪي آهي ته هو خودمختار فلسطيني رياست جي قيام کانسواءِ هٿيار نه ڇڏيندي.
ڪولمبيا اسرائيلي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو
بگوٽا (م ڊ) گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي کان پوءِ ڪولمبيا پنهنجي ملڪ مان اسرائيلي سفارتڪارن کي نيڪالي ڏئي ڇڏي. هڪ بيان ۾، ڪولمبيا جي صدر گستاوو پيٽرو چيو ته سڀئي اسرائيلي سفارتڪار ڪولمبيا ڇڏي ويا آهن. هن اسرائيل سان آزاد واپاري معاهدي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو.