حريف چانڊيو- سنڌ جي مزاحمتي قومي ۽ عوامي سياست جو اورچ ڪردار

پرہہوفيسر دين محمد ڪلهوڙو

حريف چانڊيو پنهنجي نالي جهڙو مفهوم رکندڙ هڪ باصلاحيت، ذهين، داناءُ ۽ پنهنجي مزاج ۽ طبعيت ۾ امتيازي خوبي رکندڙ سنڌ جو قومي ڪارڪن ۽ سپاهي آهي۔هُو 4 آڪٽوبر 1967ع ۾ وارهه تعلقي جي ڳوٺ نهال تنيو ۾ شاهه مراد چانڊيي جي گهر ۾ ڄائو۔ سندس والد شاهه مراد چانڊيو پنهنجي نالي وانگر وڏيءَ  مراد ۽ مان شان وارو هڪ هاري اڳواڻ هو۔ هُو سماجي رتبي ۽ اسٽيٽس وارو هڪ مثالي ماڻهو هو۔هُو ياري دوستي ۾ اٿڻ، ويهڻ وارو ماڻهو هو ۽ هن جي راڄ ڀاڳ ۾ وڏي عزت هوندي هئي. شاهه مراد کي 4 فرزند ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد هو۔پٽن ۾ حريف سڀني کان ننڍو آهي۔حريف ڇهين درجي ۾ پڙهندو هو ته سندس والد شاه مراد چانڊيو 52 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو۔ شاهه مراد چانڊيو وفات کان پوءِ پنهنجون اهڙيون انسان دوستيءَ  واريون خصلتون پنهنجي اولاد ۾ ورثي طور ڇڏي ويو۔

حريف چانڊيي جي سياست ۾ شموليت ڏاڍي اتساهڪ ۽ وڻندڙ انداز ۾ ٿي۔حريف شايد چوٿين ڪلاس ۾ پڙهي رهيو هو ته وارهه ۾ قاضي غفار ۽ ٻين هارين جي گڏيل سهڪار سان ‘هاري ڪانفرنس’ ٿي.جنهن ۾ حريف،شاه جو بيت:’الا کر جيئن،منديون جنين من ۾.’پڙهيو،اهو بيت ۽ ان جي پڙهڻ جو انداز ‘هاري ڪانفرنس ‘۾ موجود رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو کي تمام گهڻو پسند آيا۔ٻنهي اڳواڻن طرفان داد ۽ اتساه ملڻ کان پوءِ حريف جو حوصلو وڌيو ۽ منجهس جرئت پيدا ٿي.جنهن کانپوءِ ھن باقاعده سجاڳ ٻار تحريڪ تعلقي وارهه ۾ شموليت اختيار ڪئي۔ان کانپوءِ ھو جلد ئي ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو. ان دوران هن ٻارڙن جي حقن لاءِ عملي جدوجھد جو آغاز ڪيو۔جڏهن هو ميٽرڪ ۾ آيو ته ان وقت هو سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿي چڪو هو۔1983ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ ھن گورنمينٽ سائنس ڪاليج نصيرآباد ۾ داخلا ورتي۔ان سال سنڌ ۾ ايم۔آر۔ڊي تحريڪ شروع ٿي،جنھن ۾ سندس وڏي ڀاءُ محمد صلاح کي سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو۔معافي نامي نه لکي ڏيڻ ۽ ان وقت جي ايڊمنسٽريٽر کي سامهون سچ چوڻ جي ڏوهه ۾ حريف جي وڏي ڀاءُ محمد صلاح کي ڏه ڪوڙا هنيا ويا۔حريف خان جڏهن انٽر ۾ آيو تڏهن هو سجاڳ ٻار تحريڪ جو مرڪزي صدر هو۔هن 1985ع ۾ انٽر پاس ڪئي ۽ بي۔اي ڪرڻ لاءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو،ان دوران هن سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي۔پر اتي پهرين سال ئي جساف جي ڪارڪنن سان جهيڙو ٿي پيس،جنھن کانپوءِ ھن تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني۔پوءِ وري 1988ع ۾ تعليم کي جاري رکڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي علامه آءِ.آءِ. قاضي ڪيمپس ڄام شوري ۾ داخل ٿيو، جتان ھن پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي سرگرم سياست ڪئي،اتي هن کي سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو۔

حريف چانڊيو شاگرد سياست دوران سجاڳ ٻار تحريڪ کان سنڌي شاگرد تحريڪ تائين مختلف مرڪزي عهدن تي رهيو ۽ سرگرم سياست ڪئي۔ڀٽ شاه، ڪينجهر تي سنڌي ٻالڪ ميلا به ڪرايا ۽ ننڍن ٻارڙن ۽ شاگردن ۾ تعليمي،ادبي ۽ سياسي شعور پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو۔ان کان علاوه پليجي صاحب ۽ فاضل صاحب سميت ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن جي آزادي لاءِ گڏيل جدوجهد ڪئي.17-جنوري 1987ع تي هارين جي اڳواڻ محمد فاضل راهو کي آمر جنرل ضياءَ ھڪ گهري سازش ذريعي شهيد ڪرايو ته ان وقت پارٽي جو هر سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ سوڳ ۾ ورتل هو،حريف چانڊيو به ان ڏکوئيندڙ صورتحال مان گذري رهيو هو.

1990-91ع ۾ عوامي تحريڪ جي اندر اختلاف پيدا ٿي پيا ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو عمل شروع ٿي ويو.نتيجي ۾ ‘عوامي تحرڪ راهو گروپ’ قائم ٿيو۔ڪي دوست ماٺ ٿي ويا ۽ ڪنهن کي زوريءَ  پارٽيءَ مان ڪڍيو ويو۔ڪي راهو گروپ ۾ شامل ٿيا۔حريف چانڊيو به ڪيترن هم خيال دوستن سان گڏجي راهو گروپ ۾ شامل ٿيو۔عوامي تحريڪ جي ان نئين گروپ ۾ حريف کي سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو۔اتي هو 31-ڊسمبر 1993ع تائين ان گروپ ۾ رهيو۔ بعد ۾ هن 31-ڊسبر 1993ع تي سنڌي شاگرد تحريڪ کي الوداع ڪري مير مرتضيٰ  ڀٽو جي گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو۔جتي هن کي سنڌ پيپلز يوٿ آرگنائيزيشن جو صوبائي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو۔ان کانپوءِ 1994ع جي آخر ۾ هو مير مرتضيٰ جو ڪو آرڊينيٽر رهيو۔ان دوران هو لاڙڪاڻي ۾ المرتضيٰ  ھائوس جو انچارج مقرر ٿيو ۽ مير مرتضيٰ جي حلقي جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو۔1996ع ۾ مير مرتضيٰ  جي شهادت کانپوءِ واري اليڪشن ۾ پارٽي چيئرپرسن ميڊم غنويٰ  سان گڏ ڪم ڪيو۔پر ميڊم غنويٰ جي سياست کيس سمجهه ۾ نه آئي ته پوءِ ھن خاموشي اختيار ڪري حيدرآباد ۾ اچي صحافت اختيار ڪئي۔هو 1998ع کان 1999ع تائين روزاني ‘سنڌ’ اخبار جو اسٽاف رپورٽر ٿيو۔2000ع ۾ صحافت کي الوداع ڪري لاڙڪاڻي ۾ ٺيڪيداري شروع ڪئي۔ان دوران هو مقامي سياست ڪرڻ لڳو۔2004ع جي بلدياتي چونڊن دوران  يونين ڪائونسل کنڊو تعلقي وارهه ۾ اليڪشن وڙهيو ته ڌانڌلي ذريعي 13 ووٽن تي کيس شڪست ملي۔2005ع ۾ مقامي سياست کي ڇڏي  وارهه مان شفٽ ٿي سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي۔نومبر ۽ ڊسمبر 2009ع دوران پراڻن سياسي دوستن جي صلاح مشوري سان سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ عوامي جمهوري ڪائونسل جو بنياد رکيو ويو،جنھن ۾ سنڌ جي ليفٽ واري سياست ۾ پچي راس ٿيل اهي سياسي ڪارڪن جيڪي گهڻي ڀاڱي عوامي تحريڪ مان ڏنگجي،ونگجي ۽ ڌڪارجي ڪڍيا ويا هئا يا خاموش ٿي گهر ويٺا هئا،اهي هن ڪائونسل ۾ شامل ٿيا۔ان ڪائونسل جوڙائڻ ۾ حريف جو وڏو هٿ آهي۔جنھن ڪائونسل کي 8-آگسٽ 2010ع تي انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ عوامي جمهوري پارٽي ۾ تبديل ڪيو ويو،ان جنرل اجلاس ۾ حريف کي هن نئين پارٽي جو مرڪزي نائب صدر مقرر ڪيو ويو۔هن وقت حريف چانڊيو عوامي جمهوري پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر ۽ پارٽي جو بيحد سرگرم ۽ روح روان ساٿين مان هڪ آهي۔

مٿي بيان ڪيل پس منظر ۾ حريف چانڊيي کي ڏسجي ٿو ته هو اسان کي هڪ اهڙو اورچ،نھٺو،بيحد حساس،مھربان،شفيق ۽ اعليٰ ظرفن وارو ھڪ سياسي ورڪر نظر اچي ٿو،جيڪو پنهنجي ساري سياسي سفر ۾ مسلسل هليو آهي۔بهتر کان بهترين سياست ڪرڻ سندس هدف رهيو آهي۔جتي به هن کي رانگ نمبر ٿي نظر آيو،ان کي اتي ڇڏي بهتر جي حاصلات لاءِ شفاف سياست جي ڳولا ۾ پئي نڪتو ۽ جتي هن کي پاڻ جهڙا سٺا،باعمل ۽ باڪردار ماڻهو مليس ٿئي،ته انھن سان گڏجي سياسي سفر تي اٿي کڙو پئي ٿيو آهي۔عوامي تحريڪ کان پاڪستان پيپلز پارٽي(ش.ڀ) تائين ۽ وري پاڪستان پيپلز پارٽي (ش.ڀ) کان AJP تائين هن جو سياسي سفر رائگان نه ويو آهي ۽ ان مان ھن گهڻو ڪجهه سکيو آهي، بلڪه ان سفر هِن کي سياسي طرح ھڪ ڪُندن بڻائي ڇڏيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.