صمود فلوٽيلا ٻيڙي تي اسرائيلي قبضو ۽ عالمي برادري جو احتجاج

خدا بخش بروھي

غزهہ لاءِ امداد کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي فوج پاران قبضو ڪري سوين رضاڪارن کي گرفتار ڪرڻ جي خلاف سڄي دنيا سراپا احتجاج بنجي وئي  آھي، سرائيلي عمل مان    ظاھر ٿيو آھي ته اسرائيل پرتشدد  ھڪ اھڙو انسان دشمن،  نسل ڪش ملڪ آھي جيڪو نه فقط غزہ جي معصومن انسان جو قتل عام ڪري رھيو آھي پر انھن لاءِ دنيا جي سماجي حلقن پاران  ويندڙ امداد کي روڪي رھيو آھي  حراست ۾ ورتل ماڻهن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو  سينيٽر مشتاق احمد، سويڊن جي عالمي شهرت يافته سماجي اڳواڻ گريتا ٿنبرگ ۽ نيلسن منڊيلا جو پوٽو پڻ شامل آهن جن جي   40 ٻيڙين تي  ٻڌل  فلوٽيلا کي اسرائيلي فوجين  گهيري ۾ آڻڻ شروع ڪيو ۽ ڪيترين ٻيڙين تي باهه جا گولا فائر ڪيا ۽ پاڻي جون توپون هلايون، ميڊيا تي ھلندڙ خبرن مطابق  فلوٽيلا ۾ موجود سڀ ٻيڙيون اسرائيلي فوج قبضي ۾ وٺي ڇڏيون آهن ۽ انهن ۾ سوار سڀ ماڻهو اسرائيل منتقل ڪيا پيا وڃن، جتان کين يورپ ڏانهن ڊپورٽ ڪيو ويندو۔ وزارت خارجا جو چوڻ آهي ته فلوٽيلا جي هڪ ٻيڙي اڃا ڪجھه  فاصلي تي آهي، جيڪڏهن اها ويجهو آئي ته ان کي به روڪيو ويندو۔اسرائيلي اختيارين اھو بھانو بنايو آھي فوٽيلا سندس خلاف حماس کي مدد ڪري ٿو، پر اھو ڪوڙو الزام ھن وقت فلسطينين کي کاڌ، خوراڪ، دوائن ۽ روزاني استعمال جي شين کان ويندي اجھي لٽي ۽ تحفظ جي سخت ضرورت آھي جيڪو اسرائيل بند ڪري ويٺو آھي،  پاڪ-فلسطين فورم جي اطلاع موجب اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان اسرائيلي فوجين جي حراست ۾ آهي۔40 کان وڌيڪ سول ٻيڙين تي ٻڌل گلوبل صمود فلوٽيلا، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 500 پارليامينٽ ميمبر، وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن شامل هئا، جيڪي غزہ لاءِ خوراڪ ۽ دوائون کڻي وڃي رهيون هيون۔ پاڪستاني وفد جي اڳواڻي سينيٽر مشتاق احمد خان ڪري رهيو هو، جڏھن ته  اسرائيلي فوج جي مٿي ذڪر ڪيل انسان دشمن. ڪڌي ۽ جارحاڻي عمل کي  صدرِ پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سخت لفظن ۾ ننديو آھي جڏھن ته ملڪ جي ٻين  سياستدان به پنھنجي بيانن ۾  فلوٽيلا تي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي ان کي انساني حقن ۽ بين الاقوامي قانونن جي بدترين ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي۔ آصف زرداري پنهنجي بيان ۾ فلوٽيلا ۾ شريڪ پاڪستاني شهرين جي بهادري ۽ انسان دوستي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آھي ته  غزہ جي محصور شهرين جي بنا رنڊڪ امداد پهچائڻ کي يقيني بڻائي وڃي۔تيئن وزيراعظم شهباز شريف چيو آھي ته صمود غزہ فلوٽيلا ۾ پاڪستاني شهرين جي باوقار شرڪت قابلِ تعريف آهي۔ مشتاق احمد خان، مظهر سعيد شاه وهـاج احمد ۽ ڊاڪٽر اسامه  رياض سميت ٻين پاڪستانين جي شرڪت  انسانيت دوست اصولن جي عڪاسي ڪري ٿي۔ هن چيو ته هي قدم پاڪستاني عوام جي امن پسند امنگن، انصاف لاءِ جدوجهد ۽ ضرورت مندن جي مدد واري جذبي جي نمائندگي ڪري ٿو۔ ڏٺو وڃي ته اسرائيلي فوج سڀني بين الاقوامي ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندي فلوٽيلا تي حملو ڪيو، رضاڪارن کي گرفتار ڪيو ۽ سڀ کان پهرين ويڊيو ڪيمرا بند ڪرايا ته جيئن دنيا تائين سچائي نه پهچي سگهي۔ جڏهن ته بين الاقوامي قانون تحت انساني امداد جي قافلن کي روڪڻ غير قانوني آهي۔

هن ڪارروائي تي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ احتجاج شروع ٿي ويو آهي۔ اٽلي جي سڀ کان وڏي ورڪر يونين عام هڙتال جو اعلان ڪيو آهي۔ اسپين، برازيل، ڪولمبيا ۽ ارجنٽينا ۾ به عوام روڊن تي نڪري آيو  ۽ ڌرڻا ڏنا۔ استنبول ۾ اسرائيلي سفارتخاني آڏو وڏي احتجاجي مظاهرو ٿيو، برلن ۾ مظاهرين مرڪزي ٽرين اسٽيشن بند ڪري ڇڏيو۔ڪولمبيا جي صدر گستاوو پيئرو ٻن ڪولمبيني عورتن جي گرفتاري تي ملڪ ۾ موجود سڀ اسرائيلي سفارتڪار بيدخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو۔ ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم اسرائيلي عمل کي غيرقانوني ۽ غيرانساني قرار ڏنو۔ ترڪ صدر رجب طيب اردگان به سخت مذمت ڪندي چيو ته فلوٽيلا اسرائيل جو خوني چهرو دنيا آڏو کوليو آهي۔ آئرلينڊ جي وزير خارجا سائمن هيرس لکي ڇڏيو ته  رپورٽون انتهائي ڳڻتي جوڳيون آهن۔

ھوڏانھن انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل فلوٽيلا جي رضاڪارن جي تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي۔ اقوامِ متحده جي نمائنده خصوصي فرانسيسڪا البانيز سوال اٿاريو آهي ته دنيا جا ملڪ اسرائيلي بحري ناڪابندي ٽوڙڻ لاءِ ڇو قدم نٿا کڻن، جڏهن ته اسرائيل تي نسل ڪشي جا الزام لڳي رهيا آهن۔ ھن قافلي ۾ ھالي ووڊ جي 3900 کان وڌيڪ فنڪارن ۽ فلمسازن، جن ۾ ايما اسٽون، ٽلڊا سوئٽن، سوزن سرينڊن ۽ مارڪ رفالو شامل آهن، اسرائيلي فلمي ادارن جو  بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي۔ انهن جو چوڻ آهي ته اهي ادارا انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۾ حصيدار آهن ۽ ان لاءِ  بائيڪاٽ اصولي فيصلو آهي۔

ساڳئي وقت غزہ تي اسرائيلي حملا جاري رهيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 53 فلسطيني شهيد ٿيا۔ حماس اسرائيل جي ڪارروائي کي “قزاقي” ۽ “بحري دهشتگردي” قرار ڏنو آهي۔ قطر جي امير آمريڪي صدر ٽرمپ سان ڳالھ  ٻولھ  ڪئي ان تي امريڪي صدر ٽرمپ جو بيان. ڪجھ مختلف آھي ھن واضح ڪيو آھي ته جيڪڏهن حماس طعي ٿيل امن منصوبي کي قبول نه ڪيو ته اسرائيل جيڪو به ڪندو، آمريڪا ان جي مڪمل حمايت ڪندو ھڪ طرف اسرائيلي ظلم ٻئي ٽرمپ جي کيس سپورٽ يقينن فلسطينين لاءِ سٺي خبر ڪونه آڻينديون انڪري ضرورت ھن ڳالھ جي اقوام متحدہ، مغربي ملڪ سميت اسلامي دنيا اھڙو ڪو پائيدار حل ڪڍن جيئن فلسطين کي ھڪ آزاد حيثيت ملي ۽ خطي جو دائمي طور امن قائم ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.