خواجه آصف کي معاف ڪري ڇڏيو

محمدحنيف

اسين پاڻ به سياستدانن جي بي عزتي ڪندا آهيون ۽ جڏهن انهن جي تذليل ٿيندي ڏسون ٿا ته خوش به ٿيندا آهيون. جيڪڏهن ڪو اسان جو سياستدان ڪنهن بين الاقوامي فورم تي يا انگريزي ٻوليءَ ۾ پنهنجو، پنهنجي پارٽي جو يا پنهنجي حڪومت جو دفاع نه ڪري سگهي ته اسان لاءِ اهو ڏسڻ ۾ ٻيڻو مزو پيدا ٿي وڃي ٿو. تازو جڏهن پاڪستان جو دفاع وارو وزير خواجه آصف، مشهور صحافي مهدي حسن جي سامهون پنهنجي هائبرڊ حڪومت جو دفاع ڪندي ڳڙٻڙ ۾ اچي ويو ته اسان خوش ٿي وياسين ته ڏسو، پاڪستان جي اسيمبليءَ ۾ ته بيهي هر ڪنهن کي للڪاريندو آهي، پنهنجن کي به ناهي بخشيندو ، پاڪستان جي ٽي وي شوز تي ڪيتري ڏاڍائيءَ سان ڳالهائيندو آهي، پر جڏهن پهريون ڀيرو سخت سوالن سان منهن ڏنو ته بي وس نظر آيو. اسان جا صحافي به خواجه آصف کان تيز سوال پڇندا آهن پر جيڪو سوال مهدي حسن ڪيو، يعني فوج توهان جي ماتحت آهي يا توهان فوج جي، اهو اهڙو سوال آهي جيڪو ڪو به پاڪستاني اينڪر سڌيءَ ريت ۽ بنا لڪاءُ جي پڇي ئي نٿو سگهي. اهو ته اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب سڄي قوم کي اڳ ئي معلوم آهي، پوءِ اهو سوال ڪرڻ جو ڇا مطلب؟ اهڙي سوال جو جواب ته عطا الله عيسيٰ خيلوي پنهنجي شاندار ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي ڳائي ڪري ڏئي ڇڏيو هو:

”تون اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿو پڇين، جيڪي ٻڌائڻ جهڙيون ئي ناهن.“

مهدي حسن يقيناً گهڻو پڙهيل لکيل هوندو، پر مون کي يقين آهي ته نه کيس عطا الله عيسيٰ خيلوي بابت ڪا خبر هوندي ۽ نه ئي وزارتِ دفاع جي باري ۾ ڪا گهري ڄاڻ هوندي. خواجه آصف پاڻ ان انٽرويو ۾ چيو ته مان هڪ سياسي ڪارڪن آهيان ۽ منهنجي مقرري به سياسي آهي. پاڪستان ۾ وزيرِ دفاع اڪثر اهڙي وفادار کي بڻايو ويندو آهي جيڪو پنهنجي سياسي حڪومت جي بي وسي جو بار مرڪزي چهري تي مسڪراهٽ سان کڻي سگهي، پنهنجي اڳواڻ جي توهين کي پاڻ تي برداشت ڪري سگهي ۽ ساڳي وقت صرف فائل هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ کڻڻ جو اختيار رکندي به هر صبح اسلام آباد ۽ جي ايڇ ڪيو کي اها خاطري ڏياريندو رهي ته "مان ته اوهان جو ئي ماڻهو آهيان.” عمران خان جي ’سيم پيج‘ واري حڪومت ۾ پرويز خٽڪ وزيرِ دفاع هو. نه ڄاڻ هن کان ڪهڙي غلطي ٿي جو اها ’سيم پيج‘ واري ڪتاب ئي ڦاڙي باهر اڇلائي وئي. هاڻي اها ذميواري خواجه آصف تي اچي وئي آهي.

حڪومتن جي اچڻ وڃڻ جا نقشو ڏسندڙ چون ٿا ته خواجه آصف کي وزارتِ دفاع ڏئي اصل ۾ کڏن واري لائين تي لڳايو ويو آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ هو انهيءَ کڏي کان چڱيءَ ريت واقف به آهي. پاڪستان ۾ هر سياسي پارٽي کي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان شڪايت آهي سواءِ خواجه آصف جي. جتي ڪنهن کي ڪجهه نه مليو، اتي به هن ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري ورتو.

خواجه آصف کي هڪ ڀيرو اڳ به وزيرِ دفاع بڻايو ويو هو. ان وقت وزارتِ دفاع وزيراعظم نواز شريف پاڻ وٽ رکي هئي، خبر ناهي ڪهڙي اميد ۾. جڏهن بلوچستان جي گمشدہ ماڻهن جو ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو هو ۽ وردي وارا ڀائر عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ويٺا هئا ته جج صاحب حڪم ڏنو ته وزيرِ دفاع پاڻ پيش ٿين. اهو اهو دور هو جڏهن نواز شريف لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ پنهنجي منصب جي توهين سمجهيو ويندو هو. سو رات ورندي ئي خواجه آصف کي وزيرِ دفاع بڻايو ويو ۽ هو ٻئي ڏينهن عدالت ۾ پيش ٿيو. جج صاحب پنهنجو سڄو غصو ڪڍيو، خواجه آصف مرڪندي ٻڌندو رهيو. پوءِ جڏهن ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران گمشدہ ماڻهن جي وارثن جو احتجاجي ڪيمپ لڳل ڏٺو ته انهن کي پيشڪش ڪئي ته هو سندن ڪوئيٽا واپسيءَ لاءِ ٽرين جو ڪرايو پاڻ ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وزارتِ دفاع جي طرفان اهڙي فياضي نه اڳي ڏٺي وئي هئي ۽ نه پوءِ وري ڪنهن ڏٺي.

حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾، خواجه آصف هڪ تجرباڪار ۽ وفادار سياسي ڪارڪن رهيو آهي. سندس والد مرحوم جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا جو ساٿ ڏنو هو، جنهن بابت پاڻ کلي عام معافي به وٺي چڪا آهن. وڏن جي ڪيل غلطين تي عوامي سطح تي معافي وٺڻ جو عمل مون کي گهٽ ماڻهن وٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي. هو اڃا تائين حالتن کي ڏسي پنهنجا بيان مٽائيندو رهي ٿو. جڏهن آمريڪا افغانستان مان ڀڄي ويو ته ’فتحِ مبين‘ جو نعرو هن ئي هنيو، ۽ هاڻي اهي ئي فاتح، پاڪستان جا جاني دشمن قرار ڏنا وڃن ٿا ۽ ياد ڏياريو وڃي ٿو ته افغانستان، پاڪستان کي تسليم ڪندڙ آخري ملڪ هو. سو جيڪڏهن توهان کي خواجه آصف جي سبڪيءَ ۾ مزو وٺڻو آهي ته ڀلي وٺو، پر جيڪڏهن ساڳيو سوال وري ڪيو وڃي ته "فيلڊ مارشل توهان جي ماتحت آهن يا توهان انهن جي؟” ۽ هو پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چوندي ته "جا ڪي فيلڊ مارشل نوں پڇ لو”، تڏهن پوءِ جنهن جي همت هجي سو وڃي پڇي ڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.