نيتن ياھو جي خواهش تي غزه امن فارمولي ۾ ٿيل تبديليون!

نصرت جاويد

پاڪستان سميت اهي سمورا مسلمان ملڪ پريشان آهن جن آمريڪي صدر ٽرمپ جو تيار ڪيل 20 نڪاتي فارمولو ڏٺو هو. هن فارمولي جو مقصد غزہ ۾ فوري جنگبندي کان پوءِ ان جي بحالي تي ڌيان ڏيڻ هو. انهيءَ سبب جڏهن اهو پنهنجي ”اصل صورت“ ۾ سامهون آيو ته هزارين خدشن جي باوجود پاڪستان سميت مسلمان ملڪن ان جي ”آجيان“ ڪئي. ”آجيان“ جو سفارتي ٻولي ۾ مطلب مڪمل منظوري نه هوندو آهي، اهو احتياط سان ڏنل فارمولي ۾ ”مثبت تبديلي“ جي امڪان کي زنده رکندو آهي. پر اهي ”مثبت تبديليون“ اڪثر مسلمانن جي حصي ۾ نٿيون اچن، ٻيون ڌريون کسي وٺنديون آهن. صدر ٽرمپ جي پيش ڪيل فارميولي سان به اهڙو ئي ٿيو.

اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ خطاب کان پوءِ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياھو نيويارڪ ۾ ئي ترسيل رهيو. اسان جي پڙهندڙن جي اڪثريت کي شايد خبر هوندي ته ٽرمپ جو ناٺي جيرڊ ڪشنر هڪ يهودي نسل سان تعلق رکي ٿو. ان جي خاندان جا نيتن ياھو جي خاندان سان پراڻا لاڳاپا آهن. انهن لاڳاپن جي ڪري نيتن ياھو جڏهن اعليٰ تعليم لاءِ آمريڪا آيو ته نيويارڪ ۾ ڪشنر جي گهر ۾ تعليم مڪمل ٿيڻ تائين رهيو. هو ۽ ڪشنر هڪ ئي ڪمري ۾ رهندا هئا. ڪشنر سان دوستيءَ جو فائدو وٺندي نيتن ياھو ٽرمپ جي ڏنل فارمولي تي ”غور“ ڪرڻ لاءِ وٽڪوف اسٽيو سان ملاقات جو تقاضو ڪيو.  اصل ۾ وٽڪوف، ٽرمپ جو مصالحت وارو فارمولو ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هو جوانيءَ کان ٽرمپ سان ملڪيت جي ڪاروبار ۾ ساٿي رهيو آهي. وائٽ هائوس ۾ موٽڻ کان پوءِ ٽرمپ کيس روس ۽ وچ اوڀر سان معاملا هلائڻ لاءِ پنهنجي خاص سفير طور مقرر ڪيو.

جيرڊ ڪشنر جي مهرباني سان نيتن ياھو ۽ وٽڪوف جي وچ ۾ ڇهه ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ٿي، جنهن ۾ ڪشنر پڻ موجود هو. هن ملاقات ۾ ٽرمپ جي 20 نڪاتي فارمولي جي هڪ هڪ شق تي بحث ٿيو ۽ تقريبن هر شق کي نيتن ياھو جي خواهش مطابق بدلائي ڇڏيو ويو. اهم ترين تبديلي اها هئي ته جنگبندي کان پوءِ اسرائيلي فوجن جي غزہ مان جلدي واپسي واري شرط کي نيتن ياھو ”امن جي استحڪام“ سان مشروط ڪري ڇڏيو. اسرائيلي مغوين جي بدلي ۾ فلسطيني قيدين جي آزاديءَ وارو تعداد به گهٽايو ويو. ٽرمپ جي اصل فارمولي ۾ ”هٿيار ڦٽا ڪندڙ“ حماس جي ڪارڪنن لاءِ عام معافي جو واعدو هو، پر نيتن ياھو لفظ وڌرايا ته اها ”عام معافي“ رڳو انهن لاءِ هوندي جيڪي پنهنجو هٿيار اسرائيلي فوج جي اڳيان شڪست کاڌل سپاهين جيان پيش ڪندا.

غزہ جي ٻيهر تعمير لاءِ ٽرمپ جي فارمولي ۾ سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات جا نالا کنيا ويا هئا ته اهي سيڙپڪاري ڪندا، پر نيتن ياھو اهي نالا ڪٽائي ”بين الاقوامي سيڙپڪاري“ جو اصطلاح شامل ڪرايو. نيتن ياھو جي ڇهه ڪلاڪ واري ملاقات کان پوءِ ٽرمپ جي نالي سان منسوب ”امن فارمولي“ جو نئون مسودو قطر ۽ ترڪي کي ڏيکاريو ويو. اهي ٻئي ملڪ حماس سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اهم چينل سمجهيا ويندا آهن. عالمي سطح تي معتبر اخبارن دعويٰ ڪئي ته قطر ۽ ترڪي جڏهن هي نئون مسودو ڏٺو ته حيران رهجي ويا ۽ ٽرمپ انتظاميا کي چيو ته ان کي منظور ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. قطر ۽ ترڪي ئي نه پر اهي سڀ مسلمان ملڪ جن کي اصل فارمولي بابت اعتماد ۾ ورتو ويو هو، تن سان صلاح مشوري کان سواءِ نئين مسودي کي عوامي نه ڪيو وڃي. ٻئي طرف اسرائيل عالمي ميڊيا ۾ پنهنجو اثر استعمال ڪندي نيتن ياھو سان ٿيل ملاقات ۾ هر تبديليءَ کي اصل شقن سان گڏ دنيا اڳيان پيش ڪري ڇڏيو.انهيءَ ٻڏتر واري حالت ۾ آمريڪي صدر وڏي ”سخاوت“ سان اعلان ڪيو ته هاڻي قطر تي حملو آمريڪا تي حملو تصور ڪيو ويندو. هي اعلان اصل ۾ ان خفت کي لڪائڻ جي ڪوشش هئي جيڪا اسرائيل طرفان قطر تي ميزائل حملن سان واشنگٽن لاءِ پيدا ٿي هئي. ٽرمپ جي خواهش تي قطر ۾ حماس جي اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ گهرايو ويو هو، پر انهن سان ڳالهين کان اڳ ئي اسرائيل قطر ڏانهن ميزائل فائر ڪيا ته جيئن ”دهشتگردن“ جو خاتمو ڪري سگهي. قطر ۾ سينٽڪام (Centcom) نالي آمريڪا جو وڏو فوجي اڏو موجود آهي جتي جديد ترين هٿيارن سان آمريڪي فوج جو وڏو حصو بيٺل آهي، پر اسرائيل جي موڪليل ميزائل تي اڏو لڳل ريڊار کي ”ڪجهه خبر ئي نه پئي“ ۽ نه ئي ان کي فضاءَ ۾ تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهڙي حالت ۾ آمريڪي فوج جي موجودگيءَ هوندي به قطر تي ٿيل حملو قطر لاءِ وڏي شرمندگيءَ جو سبب بڻيو.

شايد انهيءَ ڪري ئي قطر تي اسرائيلي حملي کان پوءِ ئي سعودي عرب پاڪستان سان دفاعي تعاون جو جامع معاهدو ڪيو ته جيئن آمريڪا کي اهو پيغام ڏئي ته سعودي عرب هاڻي پنهنجي حفاظت لاءِ آمريڪي واعدن تي ڀروسو نٿو ڪري.

هاڻي ڏسڻو پوندو ته قطر، آمريڪا جي اعلان ــ ”قطر تي حملو آمريڪا تي حملو تصور ٿيندو“ ــ کي ڪيتري اهميت ڏيندو. پر اها ڳالهه طئي آهي ته اهو اعلان قطر تي وڌيڪ دٻاءُ وڌائيندو ته هو حماس کي آمريڪي-اسرائيلي شرطن تي جنگبندي لاءِ تيار ڪري. پر قطر لاءِ بنيادي مسئلو اهو آهي ته حماس جي اندر غزہ ۾ مزاحمت جو مڪمل ڪنٽرول انهن ماڻهن وٽ آهي جيڪي غزہ جي پٽي ۾ ئي محصور آهن ۽ انهن سان رابطن ۾ ايندڙ سيڪيورٽي مشڪلاتون تمام گهڻيون آهن. ڪافي ڪوششن کان پوءِ ڪجهه عرب صحافين جيڪي اتي رابطا ڪيا آهن، انهن ٻڌايو آهي ته غزہ ۾ رهندڙ حماس جا ڪمانڊر اسرائيلي مغوين کي هڪدم آزاد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. هو چون ٿا ته جيڪڏهن مغوين کي هڪدم آزاد ڪيو ويو ته پوءِ اسرائيل ۽ آمريڪا سان ڳالهين ۾ سندن هٿ ۾ ڪو به طاقتور ڪارڊ نه رهندو. آخرڪار، نيتن ياھو پنهنجي دوست ڪشنر جي ذريعي ”ٽرمپ فارميولي“ ۾ جيڪي تبديليون ڪرايون آهن، سي هن دستاويز کي عملي طور ناممڪن بڻائي ڇڏين ٿيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.