آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو چوٿين ڏينهن به احتجاج

ڪراچي (رپورٽر )  پي ايس ٽي/جي اي ايس ٽي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ  پاس ڪندڙ رھجي ويل اميدوارن ڪالهه چوٿين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران  احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري  پنهنجو احتجاج جاري رکيو،  جنهن جي اڳواڻي  عبدالغفار مغيري، خميس علي چنا،محمد پيرل ڪلھوڙو ۽ وقار بلوچ ڪري رهيا هئا ان موقعي تي هنن چيو ته  ڪيمپ کي چوٿون ڏينھن ٿي چڪو آھي، ان کان اڳ 46 ڏينھن تائين ڪيمپ جاري رھي هنن ٻڌايو ته ڪراچي پريس ڪلب کان اسلام آباد پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ويو ان باوجود تعليم جي وزير ۽حڪومت ڪو تحرڪ نه ورتواڳواڻن چيو ته ھي ڪيمپ مرڻ گھڙي تائين قائم رھندي جيسيتائين سندن مطالبا نه مڃيا ويندا. اڳواڻن  مطالبا ڪندي چيو ته ٽائيم پيرڊ ۾ 6 مهينا واڌ ڪئي وڃي، سموري سنڌ جي ايس اين اي  منظور ڪئي وڃي.پاليسي ۾ نرمي ڪري ڀرتي ضلعي يا ڊويزن سطح تي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.