ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ ڪريم آباد جي هنڌ تي ٺهندڙ مينا بازار انڊر پاس نه صرف دير جو شڪار ٿيو آهي پر ان جي لاڳت به ٻيڻي کان وڌيڪ وڌي وئي آهي،سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته هاڻي هي منصوبو ڊسمبر 2025 تائين مڪمل ڪيو ويندو۔هن انڊر پاس جو سنگ بنياد 23 ڊسمبر 2023 تي نگران وزيراعليٰ جسٽس (ر) مقبول باقر رکيو هو۔ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (KDA) جي ذميواري هيٺ 1.2 ڪلوميٽر ڊگهي هي منصوبو رڳو 10 مهينن ۾، آڪٽوبر 2024 تائين مڪمل ٿيڻ گهرجي ها۔پاڻي، نيڪال، گئس ۽ بجلي جي لائينن جي ڪري اڄ به هي منصوبو اڌورو پيو آهي۔ اڳ ان کي سيپٽمبر 2025 ۾ مڪمل ڪرڻو هو، پر هاڻي آخري حد ڊسمبر 2025 مقرر ڪئي وئي آهي۔انڊر پاس جي ڪم سبب چوڌاري ڪاروبار سخت متاثر ٿيو آهي۔ٽريفڪ جام ۽ پيدل هلندڙ ماڻهن لاءِ به روزانو تڪليفون وڌي ويون آهن۔شهري مطالبو ڪري رهيا آهن ته ڪم جلدي مڪمل ڪيو وڃي۔انڊر پاس ۾ ٻه لين اچڻ ۽ ٻه لين وڃڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن۔شروعاتي طور تي هن منصوبي جي لاڳت 1.35 ارب رپيا رکيل هئي، پر هاڻي ان ۾ 195 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي۔