بلن ۾ ٽيڪس اوڳاڙي تان ملير ڪنٽونمينٽ جو سي اي او عدالت طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس جي اوڳاڙي خلاف درخواست تي ملير ڪنٽونمينٽ جي سي اي او کي ايندڙ ٻڌڻي لاءِ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪي ايم سي کان به جواب طلب ڪيو ويو. درخواست گذار عورت جي وڪيل عثمان فاروق دليل ڏنو ته ملير  ڪينٽ اڳ ئي ڪنزرونسي ٽيڪس وٺي رهيو آهي، جڏهن ته ڪي ايم سي ساڳئي بل ۾ ميونسپل چارجز شامل ڪري ڇڏيا آهن، اهڙيءَ طرح ٻه ادارا هڪ ئي وقت ٽيڪس وٺي رهيا آهن. عدالت ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.