ميرپور ماٿيلو/خانپورمهر (رپورٽ: علي وسير/ميهر مھر) ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني پاران ٽريننگ ڪرايل بيروزگار مقامي شاگردن کي نوڪريون نه ڏيڻ خلاف شاگردن جو احتجاج چوڏهين ڏينهن به جاري رهيو، شاگردن مين گيٽ آڏو مظاهرو ڪرڻ بعد لڳل ڪيمپ تي ڌرڻو جاري رکيو. پوليس جي شيلنگ ۽ هراسان ڪرڻ باوجود شاگردن جا حوصلا بلند رهيا، جڏهن ته سياسي، سماجي اڳواڻن، وڪيل برادري ۽ صحافين پڻ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري حمايت جو اعلان ڪيو. شاگرد اڳواڻن علي مراد مھر، منصور لغاري ۽ حفيظ پنھيار الزام هڻندي چيو ته گيس ڪمپني انتظاميا هڪ طرف ڳالهيون ڪرڻ جو ڏيک ڏئي ٿي ته ٻي طرف پوليس ذريعي اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حملا ڪرايا وڃن ٿا، پر اسين پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين ۽ جيستائين پڪيون نوڪريون نه ڏنيون وينديون، ڌرڻو ختم نه ٿيندو. ان سلسلي ۾ ضلعي ڪائونسل گهوٽڪي جي چيئرمين مير بنگل خان مھر گيس ڪمپني جي مينيجنگ ڊائريڪٽر کي اسلام آباد خط لکي معاملي تي ڪميٽي جوڙي شاگردن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ مقامي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته روزگار مقامي شاگردن جو حق آهي، انتظاميا کي بنا دير سندن جائز مسئلا حل ڪرڻ گهرجن.