لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته مان جيڪڏهن پنجاب لاءِ آواز نه اٿارينديس ته ڪير اٿاريندو؟ مان ڪڏهن معافي نه گهرنديس، منهنجو ڪم پنهنجي ماڻهن ۽ پنجاب لاءِ آواز اٿارڻ آهي. يونيورسٽي آف هوم اڪنامڪس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيڪڏهن ڪو پنجاب کي نشانو بڻائيندو ته جواب ڏينديس، وزيراعليٰ طور مان نه ڳالهائينديس ته ڪير ڳالهائيندو؟ ان تي مان ڪڏهن به معافي نه وٺنديس. 9 مئي واقعن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته جيڪو توهان کي ڀڃ ڊاهه لاءِ مڇرائي، اهو توهان جو سڀ کان وڏو دشمن آهي، 9 مئي تي ٻارن کي ملڪ تي حملو ڪرڻ جو چيو ويو پر انهن جا پنهنجا ٻار ٻاهر ويٺا آهن، حملو ڪندڙ ٻار جيلن ۾ رُلي ويا.