وزيراعظم جي گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي جي مذمت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف غزا لاءِ امداد کڻي ويندڙ گلوبل صمود فلوٽيلا تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪندي  ان کي بزدلاڻو حملو قرار ڏنو ۽ قافلي ۾ پاڪستان جي شهرين جي شرڪت جي ساراهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان حملي جي مذمت ڪري ٿو، ڪارڪنن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هو غزا جي مظلوم فلسطيني عوام لاءِ امداد کڻي وڃي رهيا هئا، اسرائيلي جارحيت کي وحشياڻو عمل قرار ڏيندي چيو ويو ته ان ظلم کي فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي. هن سوشل ميڊيا پيغام ۾ چيو ته گلوبل صمود فلوٽيلا ۾ پاڪستانين جي شرڪت عوامي اميدن ۽ جذبي جي نمائندگي ڪري ٿي. پاڪستانين جو امدادي مشن ۾ حصو انساني همدردي جو وڏو مثال آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت پاڪستان انساني جان جي احترام، محفوظ رسائي ۽ بنا رنڊڪ امداد جي اصولن جي حمايت ڪندي رهي ٿي، جڏهن ته شهرين جي سلامتي ۽ جلد واپسي لاءِ جدوجهد ۽ دعاگو آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.