ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) سنڌ جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه به احتجاج جاري رهيو، جڏهن ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري سنڌ ايمپلائز الائنس سان رابطو ڪري ورتو آهي، اڄ ڌرين ۾ ڳالهيون ٿينديون. سنڌ ملازم اتحاد پاران پنهنجي مطالبن جي حق ۾ راڻيپور ۾ ريلي ڪڍي وئي.مظاهري جي اڳواڻي استاد مفتون شاهه، لياقت لاڙڪ، عبدالحميد سهتو، اختيار وساڻ، ريشما ڀٽي ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ملازمن سان ظلم ڪيو پيو وڃي پينشن ۾ ڪٽوتي، الائونس ۾ گهٽتائي،گروپ انشورنس ۽ فوتي ڪوٽا ختم ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ جا ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن. اڳواڻن اعلان ڪيو ته 6 آڪٽوبر تي سنڌ جا لکين ملازم ڪراچي ۾ بلاول هائوس آڏو ڌرڻو هڻندا، جيڪو مطالبن جي منظوري تائين جاري رهندو.بدين ۾سمورن کاتن جا ملازم روڊن تي نڪري آيا. ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن دلدار علي هڱورجو عبدالعزيز سومرو ۽ ٻين چيو ته نه رڳو موجوده احتجاج ڪندڙ ملازمن جا مسئلا آهن پر جتي سڄي سنڌ جي ملازمن جا مسئلا آهن اتي اسان لوڪل گورنمينٽ کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جا به جائز مطالبا آهن . ٺٽي ۾ سمورين آفيسن، اسپتالن ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ملازمن تالا بندي ڪري ڊي سي آفيس مڪلي آڏو ھڪ احتجاجي ڌرڻو ھنيو ، جنھن ۾ سوين استادن، استادياڻين سميت مختلف کاتن جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس جو مرڪزي چيئرمين اشرف خاصخيلي ۽ سنڌ روينيو ايمپلائيز ايسوسيئشن جو مرڪزي صدر سردار شاھ پڻ شامل ٿي ويا. ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ملازمن سان ماٽيلي ماءٌ وارو رويو اختيار ڪري کين پنھنجي ئي جائز مطالبن کان محروم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پر اسان پنھنجي جائز حقن جي حاصلات تائين پنھنجي پرامن جدوجھد کي جاري رکنداسين، ھنن چيو ته وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري جي گڏيل ٽيم کان گهٽ ڪنھن به حڪومتي عملدار توڙي وزارتي ڪميٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون، 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس آڏو ڀرپور تاريخي ڌرڻو مطالبن جي مڃتا تائين هنيو ويندو. اسانکي ڊي آر اي الائونس، گروپ انشورنس، پگهارن ۾ واڌ نٿي ڪرائي ڏني وڃي، آل سنڌ ايمپلائيز الائينس طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ ڏھين ڏينھن به آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاج جاري رکيو. ميونسپل ڪميٽي آفيس سامھون قائم ڪيل احتجاجي ڪيمپ ۾ اڳوڻي سينيٽر ۽ ضلع ناظما ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ جو اڳواڻ سرڪاري ملازمن سان يڪجهتي لاءِ ڪيمپ پھتا. ھنن ملازمن جي مطالبن جي حمايت جو اعلان ڪيو. نوشهروفيروز ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي ٽئين مرحلي جي شروعات ۾ مختلف کاتن جي ملازمن آفيسن جي تالا بندي ڪري نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج ڌرڻو هنيو ويو پريس اڳيان لڳل ڌرڻي جي اڳواڻي۔ مبين راجپوت ايم ايس سول اسپتال نوشھرو فيروز ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر ، ڊاڪٽر بدر الدين ابڙواي ايم ايس ۔، زین العابین راجپر، حزب اللہ عبدالستار پٺاڻ، مظهر راڄپر، آفتاب مورو پريل ڪاڪي پوٽو ۔معشوق وڳڻ ۽ ٻين ڪئي. شڪارپور ۾آپڪا پاپوليشن يونٽ شڪارپور پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج يارھين ڏينهن به جاري رهيو.،آفيسن کي تالا ھڻي ڊسٽرڪٽ آفيس اندر بک هڙتال ڪئمپ تي ملازم ويٺا. ان موقعي تي سيد نظير شاھ مشواڻي چيو ته سنڌ حڪومت انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي ويو آهي ،جنھن کي 11ڏينھن جي تالابندي سمجھه ۾ نه ٿي اچي. مٺي،اسلام ڪوٽ ۾ به سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي به ملازمن جي قلم ڇڏ ھڙتال جاري رهي،مٺي ۾ ڊي سي ھائوس ۽ اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪلب آڏو ملازمن پاران ڌرڻا ھڻي پنھنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رکيو، جوهي ۾ روينيو عملي جي تپيدارن، ڪلارڪن ڪوٽارن حڪومت جي ڪاري قانون خلاف ڏهين ڏينهن تي به آفيسن جي مڪمل تالا بندي ڪري فهيم پيرزادو , وزير احمد سومرو درمحمد لغاري , شاھد علي رند , ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن سنڌ کان پرزور مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن ملازمن جا مطالبا تسليم ڪري پاس ڪيل دشمن ملازمن پاليسين وارا ڪارا قانون رد ڪري واپس وٺڻ جو اعلان ڪري نه ته ٻي صورت ۾ 6 آڪٽومبر تي جوهي سميت ضلع دادو مان هزارن جي تعداد ۾ ملازم احتجاجي لانگ مارچ ڪندي ڪراچي بلاول هائوس اڳيان ڌرڻو هڻي مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال ڪنداسين.