ڪراچي (رپورٽر) سولجر بازار ٿاڻي جي حدن ۾ اسٽرٽ ڪرائم جي وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جتي اولڊ سٽي ايريا جو ناميارو واپاري شوڪت مٺاڻي به 20 لک رپين کان محروم ٿي ويو. شوڪت مٺاڻي پنهنجي پٽ سان گڏ بينڪ الحبيب مان رقم ڪڍي نڪتو ته چار هٿياربند 2 موٽرسائيڪلن تي سوار ٿي 20 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا. واپاري درخواست کڻي ٿاڻي پهتو پر پوليس عملي رڳو انٽري ڪري کيس واپس موڪلي ڇڏيو. شهر ۾ وڌندڙ ڦرن بابت شهري پريشاني جو شڪار آهن ۽ واپارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صورتحال تي ضابطو نه آيو ته ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو.