مڊغاسڪر ۾ ڪرپشن خلاف ”جين زي“ جا مظاهرا

مڊغاسڪر (م ڊ) مڊغاسڪر ۾ حڪومت ختم ڪرڻ جي اعلان باوجود احتجاجي مظاهرا جاري، انڊونيشيا ۽ نيپال جي جين زي تحريڪن کان متاثر نوجوان نسل پڻ گاديءَ جي هنڌ انتاناناريو ۾ رستن تي نڪري آئي، مڊغاسڪر جي جين زي صدر اينڊري راجويلينا کان استعيفيٰ، بجلي ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ بدعنواني جي خاتمي جو مطالبو ڪري رهي آهي، پرڏيهي خابرو ادارن موجب سيڪيورٽي فورسز مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها گئس جي شيلنگ ڪري رهيون آهن، صدر حڪومت برطرف ڪري نئين وزيراعظم لاءِ درخواستون طلب ڪيون پر مظاهرين جو چوڻ آهي ته صدر پاڻ به ڪرپٽ نظام جو حصو آهن، تنهنڪري سندن استعيفيٰ ئي حقيقي تبديلي ٿي سگهي ٿي، گڏيل قومن جي رپورٽ موجب اڃا تائين مظاهرن ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جڏهن ته مڊغاسڪر حڪومت انهن انگن اکرن کي رد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.