اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ هاڻي نرم ٿيڻ لڳي آهي. مريم نواز جي بيانن کان پوءِ ٻنهي ڌرين جا اڳواڻ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق وٽ ويٺا، جتي وزيراعظم جي درخواست تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، پيپلز پارٽي جي نويد قمر، اعجاز جکراڻي ۽ ٻين گڏجي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهين دوران چيو ويو ته اتحادي آهيون، اسان کي ائين نه وڙهڻ گهرجي. مريم نواز سخت بيان ڏنو هو ته پنجاب تي آڱر کڄندي ته مان اها آڱر ڀڃي ڇڏينديس، ان بيان تي پيپلز پارٽي سخت ردعمل ڏنو هو ۽ سينيٽ ۾ ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪندي مريم نواز کان معافي جو مطالبو ڪيو هو. قمر زمان ڪائرا لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اتحادي هجڻ باوجود تنقيد ڪرڻ ۽ راءِ ڏيڻ انهن جو جمهوري حق آهي، پر اهو پنجاب تي آڱر کڻڻ نه آهي، سندس اشارو مريم نواز ڏانهن هو. هن چوڻ چاهيو ته مان وڏو پنجابي آهيان جڏهن ته مريم نواز جو خاندان ڪشميري آهي. جڏهن به ڳالهيون ٿينديون آهن يا معاملو ٺاهه ڏانهن ويندو آهي ته هڪ ڌر کي خاموش ڪرايو ويندو آهي يا موقف تان پوئتي هٽڻو پوندو آهي. معافي جو مطالبو هو جيڪو ٿيڻو نه هو ڇو ته معافي وارو مطالبو به غلط هو. اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ هڪٻئي خلاف بيان بازي کان پاسو ڪندا. جيڪڏهن نون ليگ پاڻ هلي پيپلز پارٽي وٽ وئي آهي ته ان جو مطلب آهي ته مريم نواز جي جارحاڻي پاليسي کي پوئتي وٺڻو پيو، يعنيٰ مريم نواز کي شڪست ملي رهي آهي. وزيراعظم يا نائب وزيراعظم چون ٿا ته هڪ ٻئي خلاف ڳالهائڻ بند ڪريو ته ان ۾ به پوئتي مريم نواز کي هٽڻو پئجي رهيو آهي ڇو ته کاتو ته ان کوليو هو ۽ هاڻي وڏا چئي رهيا آهن ته اوهان خاموش رهو ته اها چال مريم نواز کي ڳچي ۾ پئجي وئي آهي. ان کان اڳ مريم نواز پير پاڳاري کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو. مريم نواز جو ڳالهائڻ جو انداز ڌمڪين وارو لهجو مستقبل جي وزيراعظم لاءِ ٺيڪ نه هو. هن اهڙي نموني پاڻ کي محدود ڪري ورتو. پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته هو حڪومت جو حصو آهن پر پنهنجن مطالبن لاءِ دٻاءُ وجهڻ سندن حق آهي. هن ڇڪتاڻ ۾ سياسي فائدو پيپلز پارٽي کي مليو آهي، جڏهن ته نون ليگ کي نرم موقف اختيار ڪرڻو پيو آهي.