وائيس چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو بحال، مقرري لاءِ نالن تي غور؟

اسلام آباد/لاهور (شڪيل ملڪ) ذريعن موجب هاڻوڪي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ کي واڌ نه ڏني ويندي ۽ هو ايندڙ ڪجهه هفتن يا مهيني ۾ ريٽائر ٿيندو، پر قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار طور پنهنجون خدمتون جاري رکندو. عاصم ملڪ هن وقت سڀ کان سينيئر ٿري اسٽار جنرل آهي. سندس رٽائرمينٽ کان پوءِ نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته نومبر ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد جي رٽائرمينٽ سان ٻيو وڏو عهدو به خالي ٿيندو. ذريعن موجب ٻن وڏن عهدن جي خالي ٿيڻ بعد نون ميجر جنرلن جي ترقي ممڪن آهي، جڏهن ته نئون وائس چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو به بحال ڪيو پيو وڃي، جيڪو 4 اسٽار جنرل لاءِ هوندو. اميدوارن ۾ ممڪن سينيئر جنرلن شاهد امتياز، احسن گلريز ۽ فياض شاهه جا نالا شامل آهن، حتمي فيصلو وزيراعظم ۽ ٻي قيادت جي مشاورت سان ڪيو ويندو. وائيس چيف آف آرمي اسٽاف معمول جا معاملا سنڀاليندو، اهو 5 اسٽار جنرل آرمي چيف ۽ فيلڊ مارشل جو نائب هوندو. آرمي چيف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ذميوارين ۾ وڏي سطح جا سفارتي ۽ عالمي معاملا به شامل آهن. ان کان اڳ 7 جنرل وائيس چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿي چڪا آهن، هي مقرري اٺون ڀيرو ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.