ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ سرڪاري ملازمن طرفان شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ زور وٺي وئي، سنڌ سرڪار اکيون نه پٽيون، سنڌ ايمپلائز الائنس جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن طرفان آفيسن جي تالابندي جاري رکندي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جياپي جي جنگ لاءِ رستن تي نڪتل ملازمن طرفان سخت نٽهڻ اُس ۾ گرمي کانپوءِ برسات ۾ به پنهنجي تحريڪ جاري رکي، ملازمن سرڪار کي ڌمڪي ڏني آهي ته اسان چونڊن ۾ پ پ کي ووٽ ڪندا آهيون، مطالبا پورا نه ٿيا ته پ پ کي ووٽ نه ڪنداسين، ڪراچي کان ڪشمور تائين سرڪاري ملازمن طرفان وڏي انگ ۾ گڏ ٿي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي پينشن ۾ ڪٽوتي خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو. بک هڙتالي ڪيمپ تي استادن ۽ صحت کاتي جي ملازمن سميت ٻين کاتن جي ملازمن ريليون ڪڍي اچي شرڪت ڪئي. جڏهن ته سرڪاري آفيسن جي تالابندي وارو عمل پڻ جاري رهيو، جنهن سبب عوام کي سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو، بک تي ويٺل ملازم مختلف سوارين ۾ سوار ٿي شهباز بلڊنگ پهتا، جتي کليل سرڪاري آفيسن جي تالابندي ڪرائي ڇڏي. ان کان اڳ احتجاج جي حمايت ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جو ايم پي صابر قائمخاني ۽ عوامي تحريڪ جي وفد نوراحمد ڪاتيار ۽ استاد اڳواڻ عرفانه ملاح جي اڳواڻي وفد سان گڏ بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. بک هڙتالي ڪيمپ تي الائينس جي اڳواڻ اشرف بوزئي، محمود چوھاڻ، منير هاليپوٽو، سردار شاھ ۽ ٻين خطاب ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي ڊويزنل آرگنائيزنگ ڪميٽي طرفان مطالبن جي مڃتا لاءِ اسپتالن، يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن سميت سرڪاري آفيسن جي تالابندي ڪري قلم ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو ، ڌرڻي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس ۾ شامل تنظيمن گسٽا ضلعي صدر جي ايم ابڙو، پ ٽ الف ڊويزنل صدر محمد اسلم ديدڙ، ضلعي صدر اشفاق ڌامراهو، سٽي صدر ارشاد تنيو، تعلقي صدر نصيرمحمد مغيري، طالب مغل، آپڪا سنڌ جي مرڪزي اڳواڻ محمد رفيق جتوئي، مقبول احمد مهر، گزيٽيڊ آفيسرس ايسوسئيشن جي اڳواڻ انيس الرحمان جلباڻي، سپلا سکر ريجن جي صدر ملهار سنڌي، سپسا جي مرڪزي اڳواڻ زاهد حسين هليو، هاءِ ويز سي بي اي جي اڳواڻ ممتاز علي چانڊيو، رجب کوسو، سيد مبين شاهه، دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي ملازم اڳواڻ عبدالجبار چانڊيو، آفيسرس ايسوسيئيشن جي صدر مصور علي ڀٽو، جنرل سيڪريٽري سليم سانڊاڻو، پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسئيشن جي شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار سهتو، آپڪا پراونشل هاءِ وي ڊويزن لاڙڪاڻو جي اسدالله ميرجت، محب گوپانگ، آل روينيو سنڌ ايمپلائيز ايسوسئيشن جي معشوق علي کوسو، آپڪا پاپوليشن جي اڳواڻن محمد شريف عمراڻي، عبدالوحيد چانڊيو، ايريگيشن يونين جي الله بخش ڌامراهو، سنڌ سپروائيزرس تپيدار ايسوسئيشن جي مختيار علي جتوئي، آپڪا گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جي منور ڪلهوڙو سميت استادن، پروفيسرن، ليڪچرارن، ننڍن توڙي وڏن ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مٺي ۾ سرڪاري ملازمن پنھنجي جائز مطالبا جي مڃتا لاءِ جاري جدوجھد جي اٺين ڏينھن به ڊي سي آفيس آڏو قائم احتجاجي ڪيمپ تي احتجاج جاري رکيو، اتي ويٺل سرڪاري ملازمن جيتيش راٺي، نصير ڪنڀر، اڪبر درس احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي، احتجاج ڪندڙن چيو ته اڄ اٺون ڏينھن آھي پنھنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ سراپا احتجاج آھيون پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، ھفتي کان سڄي سنڌ ۾ ادارا بند آھن پر سنڌ سرڪار تماشائي بڻيل آھي، ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس پاران اٺين ڏينهن به سرڪاري ملازمن آفيسن ۽ اسڪولن کي تالا هڻي سوين ملازمن شاھ لطيف گيٽ کان پريس ڪلب تائين ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي، ضلعي نوشھرو فيروز جا ھزارين ملازم نيشنل پريس ڪلب اڳيان چار ڪلاڪ بک هڙتالي ڪيمپ لڳائي ويٺا رهيا، ملازمن جي ڪيمپ تي اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي مسرور جتوئي ۽ سينئر وڪيل گلذار عالماڻي ملازمن جي حمايت جو اعلان ڪيو. ضلعي صدر سنڌ امپلائيز الائينس پريل ڪاڪيپوٽو، ضلعي صدر پ ٽ الف پير مظفر ، زين العابدين راڄپر، ستار پٺاڻ، آفتاب مورو، ھدايت الله سولنگي ڊاڪٽر فتاح راڄپر الطاف چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو، سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي ضلعي دادو ۾ سرڪاري ملازمن پاران پينشن ڪٽوتي خلاف احتجاج اٺين ڏينهن به جاري رهيو، جتي ضلعي جي 42 مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن جي تنظيمون سراپا احتجاج بڻيل رهيون. احتجاج سبب روينيو، ايريگيشن، تعليم، صحت ۽ ٻين سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪار مڪمل بند رهيو، جنهن سبب انتظامي ۽ عوامي سهولتن جو نظام درهم برهم ٿي ويو جڏهن ته نئين ۽ پراڻي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو ۾ به عملي جو ڪم مڪمل طور معطل رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ مريضن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، تعلقي ادارن ۾ تدريسي عمل جاري نه ٿيڻ ڪري شاگردن ۽ شاگردياڻيون سخت پريشان رهيون دادو پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل احتجاجي بک هڙتال ڪيمپ ٻئي ڏينهن به جاري رهي، جتي ملازم اڳواڻن منظور احمد پنهور، عبدالسلام ميمڻ، محمد صديق پنهور، سيد صدف شاهه، نياز الاهي ابڙو،امتياز علي لنڊ، عنايت علي جمالي، اعجاز علي چانڊيو، محمد خان ٻٻر، علي اڪبر لغاري، راجا رفيق احمد پنهور، صداقت علي سومرو، نثار احمد لاشاري، محمد حسن خشڪ، محمد آچر پنهور، رحمان جانوري،غلام حسين خاصخيلي، غلام نبي ميمڻ،علي بخش وگهيو، وسيم کوکر، ڊاڪٽر احسان پنهور، امان الله پنهور، اياز ٿيٻو سميت عورت ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، وڳڻ ۽ ڀرپاسي جا سرڪاري اسڪول اٺين ڏينھن به بند رھيا سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي استادن پاران احتجاجي مظاھرا ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، گسٽا قمبر ضلعي جي اڳواڻ علي ڏنو بلوچ ظفر ورک عزيز احمد ميئو غلام اڪبر ميڪڻ ۽ ٻين ، جي اڳواڻي ۾ استادن احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي.سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان سکر پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڌرڻو ۽ بک هڙتال ڪئي وئي، صحت، تعليم ، اسڪارپ، ايريگيشن سميت 41 مختلف کاتن جي ملازمن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاج ۾ مرد ۽ عورت ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پنهنجن مطالبن جي حق ۾ نعرا هنيا. احتجاج جي اڳواڻي مرڪزي قيادت ڪئي جنهن ۾ صدر شهزاد احمد عباسي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو صدر فريد الدين بلوچ، جنرل سيڪريٽري اياز احمد کوسو، اسد الله چاچڙ، محمد علي شيخ، خادم حسين کوسو۔آپڪا اسڪارپ جي صدر شهزادو عباسي۔لوئر اسٽاف جي محمد ياسين مهر۔علي مردان شيخ ۔ عبدالحميد مهر ۽ ليڊيز اڳواڻ شامل هئا، سنڌ ايمپلائيز الائنس پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاج جاري، ميرپورخاص ۾ پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل احتجاجي ڪمپم تي سنڌ ايمپلائيز الائنس ضلعي ميرپورخاص جي چيئرمين گل حسن لاشاري مخلتف تنظيمن جي اڳواڻن ملوڪ راڄڙ، لطيف نهڙي، اعظم ھزاروي، تڪجھتي لاءِ پهتل وڪيل سيد آفتاب شان ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڊگھڙي شهر ۽ آس پاس جي سوين ڳوٺن ۾ سنڌايمپلائز الائنس جي سڏ تي سرڪاري ادارن جي تالابندي ڪري احتجاج ڪيو ويو، تعلقي اسپتال ڊگھڙي ۾ اوپي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران ريلي ڪڍي وئي،مختلف هنڌن تي ملازمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، خيرپور، هڱورجا، صدر جي ڀٽيون، ڪوٽڏيجي، پڊعيدن، ڏوڪري، باڊهه، باقراڻي، نصيرآباد، خير محمد آريجا، مٺياڻي، سڳيون، سجاول، قمبر، ميرو خان، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي، لکي غلام شاهه، ميرپورماٿيلو، مٽياري، سانگهڙ ، سرهاڙي، جنگ شاهي، مقصودو رند، خانپور مهر، جهڏو، چمبر، جهنڊو مري ۽ ٻين شهرن ۾ سرڪاري ملازمن طرفان احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويا، اڳواڻن جو چوڻ هو ته لڳاتار سڄي سنڌ جا لکين ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن، هفتي کان سرڪاري آفيسن جي تالابندي هئڻ سبب ڪاروهنوار ٺپ آهي، پر اڃا تائين حڪومت ملازمن جا جائز مطالبا منظور ڪرڻ لاءِ ڪو قدم ناهي کنيو. هنن چيو ته پينشن ۾ ڪٽوتي واري پاليسي ملازمن جي مستقبل جو قتلام آهي. اسان پنهنجي مستقبل جي جنگ وڙهي رهيا آهيون پر حڪومت ڪا به توجهه نه ڏئي رهي. هنن چيو ته 6 آڪٽوبر تي ڪراچي بلاول هائوس اڳيان لکين ملازم ڌرڻو هڻندا، ڪهڙيون به حالتون هجن پر بلاول هائوس اڳيان لڳندڙ ڌرڻو مطالبن جي منظوري تائين جاري رهندو، اسان سدائين پ پ کي ووٽ ڪندا رهيا آهيون، جيڪڏهن مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته پيپلزپارٽي کي ووٽ نه ڪنداسين.