”سعودي عرب ۽ پاڪستان جو معاهدو اسرائيل کي قابو ڪرڻ لاءِ هو“

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سابق ڊائريڪٽر ملٽري انٽلينجنس چوڌري سجاد چيو آهي ته هاڻي هي سمجهڻ آسان آهي ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدو ڇو ٿيو؟آمريڪا جون سڀ سيڪيورٽي فورسز سعودي عرب ۾ موجود هجڻ باوجود خاموش رهيون ڇو ته هي معاهدو دراصل اسرائيل کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو هو۔ هن ٻڌايو ته هي معاهدو آمريڪي سينٽڪوم چيف سان ملاقات کان پوءِ طئي ٿيو ۽ آمريڪا هن جي اجازت به ساڳئي مقصد هيٺ ڏني۔ هن مطابق پاڪستان ۽ ترڪي جو ڪردار هن وقت دنيا ۾ غير معمولي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي ۽ هي صورتحال پاڪستان لاءِ نهايت فائديمند آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.