سنڌ حڪومت اين جي اوز کي بابت وڏو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سڀني ملڪي ۽ پرڏيهي غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) کي هدايت ڪئي آهي ته نوڪريون ڏيڻ ۾ مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏني وڃي.
صوبائي سڌ سماءُ واري کاتي جي ايڪس اڪائونٽ تي سماجي ڀلائي واري کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۽ تفصيل شيئر ڪيا ويا آهن،
سنڌ سرڪار وڏو فيصلو ڪندي صوبي ۾ ڪم ڪندڙ سڀني بين الاقوامي غير سرڪاري تنظيمن (آءِ اين جي اوز)، غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز)، ڪميونٽي بيسڊ تنظيمن (سي بي اوز) ۽ ٻين غير سرڪاري ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو نوڪري ڏيڻ وقت مقامي ماڻهن کي پهرين ترجيح ڏين.
صوبائي وزير سوشل ويلفيئر جي حڪم تحت سموريون تنظيمون پنهنجي ڀرتي واري عمل ۾ سنڌ جي مقامي ماڻهن کي ترجيح ڏين ۽ مقامي ڪميونٽي جي شموليت ۽ معاشي ترقي کي هٿي وٺرائين.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري عوامي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي.
ان کانسواءِ نوٽيفڪيشن ۾ ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو هن حڪم تي عمل ڪرائين ۽ ڪنهن به مسئلي يا رنڊڪ جي صورت ۾ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ کي آگاهه ڪن.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اِهو قدم سنڌ جي عوام جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.