دبئي(ويب ڊيسڪ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر محسن نقوي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم کي ايشيا ڪپ جي ٽرافي کپي ته ڀارتي ڪپتان اي سي سي جي آفيس اچي مون کان وٺي وڃي.
محسن نقوي جي صدارت هيٺ دبئي ۾ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي نائب صدر راجيو شُڪلا محسن نقوي کان ايشيا ڪپ جي ٽرافي گهري.
ذريعن موجب، اي سي سي جي صدر محسن نقوي چيو ته اِهي شيون ايجنڊا ۾ شامل نه آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جڏهن راجيو شُڪلا ٽرافي لاءِ بار بار اصرار ڪيو ته محسن نقوي جواب ڏنو ته جيڪڏهن ڀارتي ٽيم کي ٽرافي کپي ته ڪپتان اي سي سي جي آفيس اچي مون کان وصول ڪري.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڀارتي ٽيم کي ايشيا ڪپ جي ٽرافي ڏيڻ بابت ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو.
ياد رهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ جو فائنل کٽڻ کانپوءِ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي صدر محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.
ڀارتي ٽيم جڏهن ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته اي سي سي صدر محسن نقوي به پنهنجي فيصلي تي قائم رهيو ۽ ايشيا ڪپ جي تقريب بنا ٽرافي ڏيڻ جي ختم ٿي وئي.
اي سي سي انتظاميا ٽرافي پاڻ سان کڻي وئي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر انتظار ڪندا رهيا پر کين ٽرافي نه ملي.
You might also like