ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهر جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو.
موسميات کاتي موجب، گرومندر، صدر، اولڊ سٽي، گارڊن، آءِ آءِ چندريگر روڊ، لياقت آباد، ايف بي ايريا، ايف سي ايريا ۽ پراڻي سبزي منڊي سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به وسڪارو ٿيو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ منجهند کانپوءِ ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، هوا جو گهٽ دٻاءُ ڀارتي گجرات وٽ موجود آهي ۽ سسٽم کي عربي سمنڊ مان گهم ملي رهي آهي، جيڪو وڌيڪ شدت اختيار ڪري ڊپريشن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو، جڏهنت ته هي سسٽم سڀاڻي تائين اتر عربي سمنڊ داخل ٿي سگهي ٿو.
You might also like