وزيراعظم ۽ اسحاق ڊار شمع جوڻيجو واري معاملي تي ڪاوڙيل

لاهور(امداد سومرو) وزيراعظم شهباز شريف شمع جوڻيجو  واري معاملي تي سخت پريشان ۽ ناراض آهي،گڏيل قومن  جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شموليت دوران شمع جوڻيجو کي وفد ۾ شامل ڪرڻ تي وڏو تڪرار پيدا ٿيو۔وزير دفاع خواجه آصف هڪ ٽوئيٽ ذريعي اهو تاثر ڏنو ته کين ئي خبر ناهي ته اها خاتون ڪير آهي ۽ ڪيئن آئي۔ ان بيان کانپوءِ وزيراعظم ۽ اسحاق ڊار ٻنهي کي ڪاوڙ ٿي۔ ذريعن موجب شهباز شريف پاڻ شمع جوڻيجو کي برطانيا ۾ پرڏيهي معاملن جي صلاحڪار طور چونڊيو هو ۽ گڏيل قومن جي اجلاس لاءِ سندس مدد ورتي هئي۔ پر جڏهن خواجه آصف کيس“نه سڃاڻڻ” جو اظهار ڪيو ته اهو وزيراعظم جي اختيار تي سڌو سوال بڻجي ويو۔ٻئي طرف پرڏيهي وزارت  به شروعات ۾ کيس لسٽ ۾ شامل نه ٿيڻ جو بيان ڏنو، جنهن سان وڌيڪ ابهام پيدا ٿيو۔ بعد ۾ خبر پئي ته شهباز شريف سندس مقرريءَ جو سڌو حڪم ڏنو هو، پر حڪومت اندر اختلاف سبب اها ڳالهه تڪراري ٿي وئي۔ذريعن موجب وزيراعظم شمع جونڻيجو کي چيو آهي ته هاڻي هوءَ خاموش رهي، باقي معاملو پاڻ سنڀاليندو۔ پر هي تڪرار واضح ٿو ڪري ته ن ليگ جي ڪابينا ۾ اندروني لابيون ۽ اختلاف شديد آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.