ڪورنگي ۾ مبينا پوليس مقابلي خلاف عدالت ۾ درخواست

 ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪورنگي صنعتي ايريا ۾ مبينه جعلي مقابلي ۾ جوابدار کي مارڻ خلاف درخواست تي ڌرين کان پهرين آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل لياقت گبول چيو ته 24 اپريل تي پوليس پاران درخواستگذار جي پٽ کي ويٽا چورنگي وٽان اغوا ڪيو، ڪي آءِ اي پوليس ذوالفقار علي جي گرفتاري کان انڪار ڪيو، پوليس ذوالفقار تي تشدد ڪرڻ بعد جعلي مقابلي ۾ قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي جسم تي تشدد جا واضح نشان به موجود هئا، ڪيس داخل ڪرڻ وارين درخواستن باوجود پوليس ڪيس داخل نه ڪيو، درخواست ۾ استدعاڪندي چيو ويو ته عدالت ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم جاري ڪري، عدالت ڌرين کان پهرين آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.