پلندري (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ سياسي نظام ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن رياست ٽيڪس نه وٺندي ته مراعتون ۽ پگهارون ڪيئن ڏيندي؟ احتجاج جو حق سڀني کي آهي، پر انتشار سان ملڪ جي معيشيت کي نقصان پهچي ٿو. پاڪ فوج جي ترجمان جا هي ڳالهيون سوشل ميڊيا تي ان وقت وائرل ٿي ويون، جڏهن هن 15 سيپٽمبر تي آزاد ڪشمير جي علائقي پلندري ۾ مختلف يونيورسٽين جي هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ استادن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. عوامي ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي تحريڪ بابت سوال تي جواب ڏيندي، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آزاد ڪشمير ۾ سياسي نظام صحيح طريقي سان هلي رهيو آهي، جتي تعليم، صحت ۽ انفرا اسٽرڪچر جا اشاري سٺا آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير جا 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ آهن، تنهن ڪري رياست لاءِ آمدني ضروري آهي. جيڪڏهن ٽيڪس نه ورتو ويندو ته پوءِ پگهارون ۽ سهولتون ڪيئن فراهم ڪيون وينديون؟ ليفٽننٽ جنرل احمد شريف چوڌري وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو خواب ڏسندڙ شخص پاڻ به ڪشمير سان تعلق رکندڙ هو.هن واضح طور تي چيو ته ڪشمير جو مستقبل ‘ڪشمير بڻجندو پاڪستان’ آهي