”پينشن تي ڌاڙو نامنظور“سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن پاران ادارن جي تالابندي برقرار

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن طرفان آفيسن جي تالابندي برقرار رکندي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، وڏي انگ ۾ سرڪاري ملازم عورتون به ڌرڻن ۾ شامل ٿي ويون، سکر ۾ عورتون ٻار کڻي ڌرڻي ۾ پهتيون، ان سلسلي ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان  علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، سرڪاري ملازمن جو 6 آڪٽوبر تي بلاول هائوس آڏو  وڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته پنهنجي مطالبن تان هٿ نه کڻنداسين، بلاول هائوس آڏو وڏو ڌرڻو هنيو ويندو، حڪومت ڪجهه به ڪري اسان احتجاج ختم نه ڪنداسين، سنڌ ايمپلائيز الائنس اڳواڻ حاجي اشرف خاصخيلي نوابشاهه ۾ لڳل ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ الڳ الڳ قانون ڇو، ڊي آر اي پاڪستان جي وفاقي سرڪار ڏئي رهي آهي پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير اهي سرڪاري ملازمن کي ڊي آر اي ڏئي رهي آهي، يا ته هي صوبو پاڪستان ۾ ناهي، ڇو ته هي حڪومت ڇو نه پئي سمجهي، لکن جي انگ ۾ ملازم اٺن ڏينهن کان روڊن تي آهن، هنن کي خبر ئي ناهي، ڪو هڪ شهري روڊ تي هجي ته ان کان هي پڇن ته هو ڇو احتجاج ڪري پيو، پر لکين ملازم احتجاج پيا ڪن پر انهن جي احتجاج طرف ڌيان نه پيو ڏنو وڃي، هن چيو ته هي روٽي ڪپڙا  ۽ مڪان واپس وٺي رهيا آهن، هن فيصلي سان ملازمن جو معاشي قتل آهي، اسان مري سگهون ٿا پر پوئتي نه هٽننداسين، هي تالابندي اوستائين جاري رهندي جيستائين سمورا مطالبا پورا نه ٿا ڪيا وڃن، 6 آڪٽوبر تي لکين جي انگ ۾ ملازم نڪرندا ۽ سمورا ملازم بلاول هائوس آڏو ڌرڻو هڻندا، هنن کي جيتري سختي ڪرڻي آهي ڪن، واٽر ڪينن جو استعمال ڪن، لٺيون هڻن، اسان پوئتي نه هٽنداسين، مسئلو حل ڪرڻو آهي ته اڄ حل ڪري وٺن، جيتري دير ڪندا مسئلو حڪومت لاءِ وڌندو، نوابشاهه ۾ ڇهين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ سمورا تعليمي ادارا ۽ سرڪاري آفيسون بند رهيون، سنڌ ايمپلائيز اتحاد جي مرڪزي چيئرمين محمد اشرف خاصخيلي، سيد لعل حسين شاھ صدر آل روينيو ايمپلائيز ڊويزن شهيد بينظير آباد، صدر ضلع شهيد بينظير آباد رضا ڪورائي، آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ساقي گروپ ضلع شهيد بينظير آباد جي صدر امجد علي بروهي ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪيو، سنڌ ايمپلائيز الائنس طرفان سکر ڪلب ٻاهران وڏي پيماني تي احتجاجي ڌرڻو هڻي بک هڙتال ڪئي وئي، احتجاج ۾ مرد ۽ عورت ملازمن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، عورتون ٻارن سوڌو شريڪ ٿيون، احتجاج جي اڳواڻي صدر شهزاد احمد عباسي، پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو صدر فريد الدين بلوچ، جنرل سيڪريٽري اياز احمد کوسو، اسد الله چاچڙ، تعلقي جو جنرل سيڪريٽري محمد علي شيخ، خادم حسين کوسو، عبدالرحمان جمالي، محمد اعظم منڱڻيجو،آپڪا اسڪارپ جي صدر شهزادو عباسي، لوئر اسٽاف جي محمد ياسين مهر، علي مردان شيخ، محمد اسماعيل، عبدالقدير ميمڻ، عبدالحميد مهر، سائره حبيب، دريا بانو ۽ ساجده ڪري رهيا هئا، سنڌ ايمپلائيز اتحاد جي سڏ تي ميرپورماٿيلو سميت ننڍن وڏن شهرن جي تعليمي ادارن ۾ مڪمل تالا بندي سبب تدريسي عمل مڪمل طور معطل ٿي ويو، اڳواڻن استاد خميسو تنيو، سڪندر لوهار، نعيم کوکر، ميرحسن مهر ۽ ٻين چيو ته پينشن مان غيرقانوني ڪٽوتي، بنيادي مسئلن ۽ ٻين علامتي بک هڙتال ڪئي، سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي ضلعي دادو ۾ سرڪاري ملازمن جو احتجاج جاري رهيو، جتي ضلعي جي 42 تنظيمن سان واسطو رکندڙ سوين ملازم سراپا احتجاج بڻيل رهيا، احتجاج جي منظور احمد پنھور، عبدالسلام ميمڻ، محمد صديق پنھور، سيد صدف شاھ، امتياز علي لنڊ، عنايت علي جمالي، اعجاز علي چانڊيو، محمد خان ٻٻر، علي اڪبر لغاري، راجا رفيق احمد پنھور، صداقت علي سومرو، نثار احمد لاشاري، محمد حسن خشڪ، محمد آچر پنھور، رحمان خان جانوري، منور علي برهماڻي، هزار خان لنڊ، انور علي پنھور ۽ ٻيا اڳواڻي ڪري رهيا هئا. مٽياري ۾ به آفيسن جي تالابندي ڪري آچر خاصخيلي، گل محمد، طلعت خاصخيلي، بشير کتري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ميرپورخاص ۾  پريس ڪلب اڳيان ملازمن پاران علامتي جنازو ڪڍيو ويو، سنڌ ايمپلائيز الائنس ضلعي ميرپورخاص جي چيئرمين گل حسن لاشاري ۽ ڊويزنل ڪاميٽي جي ميمبرن جميل احمد آرائين اعظم ھزاروي  ۽ ٻين احتجاج کي خطاب ڪيو، مطالبا پورا ڪرڻ جي گهر ڪئي،  سنڌ ايمپلائيز الائينس جي سڏ تي جوهي تعلقي جي سمورن سرڪاري تعليمي ادارن ايري گيشن روينيو ،صحت ، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، نرس اسٽاف، گسٽا  ۽ پ ٽ الف ۽ ٻين سرڪاري ملازمن طرفان احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو،  احتجاجي ڌرڻي ۽ بک هڙتال جي اڳواڻي درمحمد لغاري، بلاول مستوئي، شاهد حسين رند ۽ ٻين ڪئي، نصيرآباد ۾ به سرڪاري ملازمن طرفان غلام شبير جويو، ممتاز علي شيخ، انور علي مگسي، ممتاز علي عباسي، پرويز کوکر. ﷲ بچايو شيخ، سڄڻ علي جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيوويو.، ميهڙ ۾ به ملازمن واجد پنھيار ، مشتاق چانڊيو ، اختر ڳورڙ ، ڊاڪٽر خالد بروھي ، رستم شيخ ، خان کوسو ، شاھد کوسو ، مختيار کوسو ، لياقت علي لاشاري ، محبوب چانڊيو ۽ ٻين احتجاج ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي ڊويزنل آرگنائيزنگ ڪميٽي طرفان پينشن جي ڪاري قانون سميت ٻين جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ اسپتالن، يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن سميت سرڪاري آفيسن جي تالابندي ڪري قلم ۽ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ٽن ڪلاڪن تائين نٽهڻ اُس ۾ ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، ايم ابڙو، محمد اسلم ديدڙ، محمد رفيق جتوئي، مقبول احمد مهر، انيس الرحمان جلباڻي، سلطان احمد کوسو، سپلا سکر ريجن جي صدر ملهار سنڌي، سپسا جي مرڪزي اڳواڻ زاهد حسين هليو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو، نوشهروفيروز ۾ محمد پريل ڪاڪيپوٽو، معشوق وڳڻ، اعظم عالماڻي، ھدايت الله سولنگي، ڊاڪٽر فتاح راڄپر، شاھ محمد شر  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪوٽڙي ۾ به سرڪاري ملازمن الطاف حسين ڏاوڇ ، اعجاز سولنگي، گلشير ڪوريجو، مير حسن سومرو ، وحيد قريشي، ممتاز علي ڪوريجو ۽ ٻين احتجاج ڪيو، نوشهروفيروز ۾ محمد پريل ڪاڪيپوٽو، معشوق وڳڻ، اعظم عالماڻي، ھدايت الله سولنگي، ڊاڪٽر فتاح راڄپر، شاھ محمد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ سنڌ امپلائيز جي سڏ تي ضلعي ڪشمور جي سڀني صوبائي کاتن جي ملازمن پنھنجو سڄو ڪم پنھنجي آفيسن جي تالا بندي ڪري مين پرائمری اسڪول ڪنڌڪوٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي جي اڳواڻي علي حسن قمبراڻي، يارعلي خان ڊومڪي، استاد منظور چاچڙ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ميروخان، هڱورجا، سڳيون، ڊگھڙي، مقصودو رند، ھالا، پنوعاقل، ڀريا، مورو، ڪوٽڏيجي، قمبر، ڏوڪري، باڊهه، باقراڻي، خير محمد آريجا ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، اڳواڻن چيو ته ڪجهه به ٿي پوي اسان مطالبن تان هٿ نه کڻنداسين، بلاول هائوس آڏو ڌرڻو ضرور  هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.