سپريم ڪورٽ طرفان جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم معطل

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ جو حڪم نامو معطل ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني بينچ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندو خيل، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا، ٻڌڻي دوران جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس سردار اعجاز  الحق خان ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز عدالت ۾ پيش ٿيا، اسلام آباد بار ڪائونسل جي ميمبر عليم عباسي موقف اختيار ڪيو ته اسان به هن ڪيس  ۾ ڌر بڻجڻ جي درخواست  داخل ڪري رکي آهي، جنهن تي جسٽس جمال خان مندو خيل استفسار ڪيو ته اوهان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڌر هئا، مرڪزي درخواستگذار جسٽس طارق محمود جهانگيري آهي، ٻڌڻي دوران وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد بار ڪائونسل ۽ ضلعي بار ايسوسيئيشن به ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ درخواستون داخل ڪيون آهن. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جو پنهنجو طريقيڪار آهي، جڏهن درخواستن تي نمبر لڳندا ته پوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿينديون.جسٽس طارق محمود جهانگيري جي وڪيل منير اي ملڪ چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ پنهنجي ئي جج کي عدالتي ڪم کان روڪيو آهي، طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ ۾ قانون ۽ انصاف جي گهرن کي نظرانداز ڪيو ويو،  10 جولاءِ 2024 تي هاءِ ڪورٽ ۾ جهانگيري خلاف رٽ داخل ٿي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود رجسٽرار جي اعتراضن تي عمل نه ٿيو، منير ملڪ وڌيڪ چيو ته ججز جي بدلين بابت 184-3 هيٺ درخواست داخل ٿي هئي، جنهن کي درست قرار ڏنو ويو، پر اپيل اڃا التوا هيٺ آهي، ان کان پوءِ ساڳئي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بينچ 16 سيپٽمبر تي جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪيو، جڏهن ته ان درخواست تي اعتراض اڃا تائين موجود آهن ۽ ٻي ڌر کي ٻڌو به نه ويو، وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي ته ڪنهن به جج کي عدالتي ڪم کان نه روڪي سگهجي ٿو ۽ تازو جسٽس جمال مندوخيل فيصلو ڏنو هو ته جج خلاف رٽ جاري نه ٿي ٿي سگهي، سپريم ڪورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو ۽ ڌرين سميت اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڪيس جي ٻڌڻي  اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.