آزاد ڪشمير ۾ عوامي مطالبن لاءِ هڙتال، موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند

مظفرآباد (م ڊ) آزاد ڪشمير ۾ جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شٽر بند، ڦيٿا  روڪ هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرا جاري آهن، جتي سمورا ڪاروباري مرڪز، بازارون ۽ ٽرانسپورٽ بند آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ تدريسي عمل معطل ٿي ويو آهي. هڙتال جو سڏ 38 مطالبن تي ٻڌل چارٽر آف ڊيمانڊ تي عملدرآمد لاءِ ڏنو ويو هو، جنهن جي لاءِ ڪميٽي 29 سيپٽمبر جي ڊيڊ لائين ڏني هئي، پر حڪومت طرفان مطالبن جي مڪمل منظوري نه ملڻ تي احتجاج تيز ڪيو ويو آهي. علائقي ۾ صورتحال وڌيڪ ڳنڀير بڻجڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن به موبائيل، انٽرنيٽ ۽ لينڊ لائن سروس معطل رهي، جنهن سبب شهري پريشانين جو شڪار بڻجي ويا. آن لائن ڪاروبار، تعليمي سرگرميون، بينڪنگ سروس ۽ ايمرجنسي رابطن ۾ خلل پيو آهي، جڏهن ته اي ٽي ايم مشينن وٽ ڊگهيون قطارون لڳي ويون. 25 سيپٽمبر تي وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ امير مقام جي سربراهيءَ ۾ ٿيندڙ حڪومت ۽ ڪميٽي وچ ۾ ڳالهين ڪامياب نه ٿي سگهيون. حڪومت آٽو ۽ بجلي جي اگهن تي جزوي رعايتن تي رضاڪاري ڏيکاري، پر آئيني ترميمن وارن مطالبن لاءِ پارليامينٽ جو حوالو ڏنو.ڪميٽي اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي به خط اماڻي، احتجاج دوران مبينا ظلمن، گرفتارين ۽ ڪريڪ ڊائون تي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي پاران پيش ڪيل اهم مطالبن ۾ اشرافيه جون مراعتون ختم ڪرڻ، مهاجرن لاءِ مخصوص 12 اسيمبلي سيٽون ختم ڪرڻ، بجلي بلن ۾ واڌ واپس وٺڻ، مفت ۽ برابري واري تعليم، ميرٽ تي ڀرتيون، قرض، عدليه ۾ سڌارا ۽ ٻيا مطالبا شامل آهن. ان کانسواءِ، مهانگي بجلي، آٽو بحران، ۽ سرڪاري کاتن جي ناقص ڪارڪردگي بابت به شديد خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.