نوابشاهه(رپورٽ: ممتاز خاصخيلي) موجوده سياسي صورتحال ۽ نيشنل پيپلز پارٽي جي حڪمتِ عملي جي حوالي سان اين پي پي چيئرمين غلام مرتضىٰ جتوئي ۽ صوبائي صدر مسرور جتوئي جي هدايت تي ڪامران ابڙو هائوس ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ نيشنل پيپلز پارٽي جا سينيئر ڪارڪن ۽ اڳواڻ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس جي صدارت اين پي پي سينيئر اڳواڻ ڪامران ابڙو جي فرزند فرحان عاطف ابڙو ڪئي. ان موقعي تي سينيئر ۽ سابق ضلعي صدر پرويز چانڊيو، ڪامريڊ علي جان رند، عارف چانڊيو، راجا غفار قريشي، فرقان عارف، عتيق جتوئي، قربان جتوئي، شاهزيب ابڙو، آصف شيخ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اڳواڻن اجلاس پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده خود غرض ۽ مفاد پرست سياست، ذاتي انا ۽ مفادن خاطر ملڪ ۽ قوم جي مستقبل کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سياسي هم آهنگي ۽ اتحاد وقت جي اهم ضرورت آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته سياسي اشرافيه هن سنگين صورتحال ۾ به حقيقتن کان اکيون ٻوٽي، سڀ ٺيڪ آهي جي رٽ لڳائي ويٺي آهي، جيڪا انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي.