مٽياري (ع آ نيوز) ضلعي مٽياري جي علائقي نيو سعيدآباد ۾ 10 ورهين جي ٻار سان مبينا زيادتي جو واقعو پيش آي، ان سلسلي ۾ بدفعلي جو شڪار ٻار جي والده الزام لڳايو آهي ته جوابدارن نه رڳو زيادتي ڪئي پر وڊيو به ٺاهي ورتي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته معصوم ٻار جي امڙ جي شڪايت بعد ٽن جوابدارن کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.