ڪراچي ۾ عورت سان زيادتي الزام ۾ پوليس اهلڪار معطل

ڪراچي (رپورٽر) ميٺادر ٿاڻي ۾ مقرر پوليس اهلڪار زرياب پاران عورت سان مبينا زيادتي ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي معاملي تي ڊي آءِ جي سائوٿ طرفان اهلڪار کي معطل ڪري انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو ، ميٺادر ٿاڻي ۾ مقرر پوليس اهلڪار جي عورت سان مبينا زيادتي ۽ ڌمڪين ڏيڻ واري معاملي تي ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا واقعي جو نوٽيس وٺندي فوري ڪارروائي ڪئي، سائوٿ زون پوليس موجب ڊي آءِ جي ساوٿ پوليس اهلڪار زرياب کي معطل ڪري ان جي خلاف انڪوائري شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پوليس جو چوڻ آهي ته متاثر عورت مبينا زيادتي ۽ ڌمڪين بابت ڊي آءِ جي سائوٿ جي شڪايت سيل ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن تي ڊي آءِ جي فوري ايڪشن ورتو،معطل ٿيل پوليس اهلڪار خلاف شفاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ذريعن موجب متاثر عورت پاڻ کي پوليو ورڪر ظاهر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پوليو مهم دوران پوليس اهلڪار مون سان گڏ هو، مون کي شادي جو ڏٽو ڏئي گسٽ هائوس وٺي زيادتي جو نشانو بڻايو، هاڻ مان پيٽ سان ٿي وئي آهيان ته هوءَ شادي کان انڪار ڪري رهيو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.