ڏهرڪي ۾ شاگردن تي لٺبازي خلاف ڄامشوري ۾ ريلي

ڄامشورو( ڊ ر) ڄامشورو ۾ ڏهرڪي ۾ شاگرد تي پوليس جي لاٺي چارج ۽ گرفتارين خلاف سنڌ يونيورسٽي جي قومپرست شاگرد تنظيمن پاران  هاسٽل کان احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌلاجي گيٽ جي سامھون انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو روڊ بلاڪ ڪيو ويو،ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ شاگرد اڳواڻن علي شنباڻي، ساحل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڏهرڪي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن پرامن شاگردن مٿان بدترين تشدد ڪري انهن کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن مطالبو ڪيو آهي ته ڏهرڪي ۾ گرفتار شاگردن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.